سجاول ۾ سني رابطا ڪائونسل جي عھديدارن ۽ ڪارڪنن جو اجلاس

سجاول ۾ سني رابطا ڪائونسل جي عھديدارن ۽ ڪارڪنن جو اجلاس

سجاول ۾ سني رابطا ڪائونسل جي عھديدارن ۽ ڪارڪنن جو اجلاس

سجاول (رپورٽر) سني رابطہ ڪونسل ضلعو سجاول طرفان حافظ رياض ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ضلعي سجاول جي تمام يونٽن ۽ تعلقن جي عھديدارن ۽ ڪارڪن جو ھڪ گڏيل اجلاس مسجد خالد بن وليد سجاول ۾ منعقد ڪيو ويو ,جنھن ۾ اليڪشن جي حوالي سان راه حق پارٽي طرفان ضلعي سجاول جي مختلف تڪن تي قومي ۽ صوبائي اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو انھي کان علاوه 22 جمالي الثاني خليفہ بلافصل حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضه جي وفات جي حوالي سان سجاول ۾ سالياني مدح صحابه رضه جلوس کي ڪامياب بڻائڻ لاء اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ ضلع، تعلقن ۽ يونٽن جي تمام ذميدارن کي پابند ڪيو ويو ته اھي ھينئر کان ئي پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضه جي وفات جي نسبت سان 22 جمادي الثاني تائين پروگرامن جو انعقاد ڪن ۽ 22 جمادي الثاني تي سجاول ۾ نڪرندڙ ساليانو مدح صحابه رضه جلوس جي دعوت ڏين ,ھن سال 22 جمادي الثاني تي سجاول ۾ تاريخ ساز جلوس ڪڍيو ويندو جنھن جي تياري ھيئنر کان ئي ڪئي ويندي ضلع سجاول جي مختلف شھرن ڳوٺن روڊ رستن کي پينا فليڪس سان سجايو ويندو