English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ڊگري ڪاليج ۾ منشيات جي خاتمي جي حوالي سان آگاھي سيمينار منعقد
views
|
14th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سجاول ڊگري ڪاليج ۾ منشيات جي خاتمي جي حوالي سان آگاھي سيمينار منعقد
سجاول (گلشيرميربحر) ڊگري ڪاليج ۾ منشيات جي خاتمي ۽ شاگردن کي منشيات واپرائڻ جي نقصان کان آگاهه ڪرڻ لاءِ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ، ايس ايس پي سجاول شهلا قريشي سميت وڏي تعداد ۾ ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ ۽ ايس ايس پي سجاول شهلا قريشي ڳالهائيندي چيو ته اڄ جا شاگرد اسان جي مستقبل جا معمار آهن، نوجوان نسل منشيات جي عادي ٿي رهيو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ انتهائي ضروري آهي، ان ڪري آگاھي مھم ھلائڻ سان گڏوگڏ منشيات فروشن خلاف عملي ڪارروائي ڪرڻ پڻ ضروري آھي. انھن چيو ته پوليس سميت ٻيا ادارا به سماج مان منشيات جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، نوجوان نسل کي منشيات جي استعمال کان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ شهرين، سماجي ڪارڪنن ۽ خدمت خلق رکندڙ رضاڪارن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. سيمينار ۾ نوجوان نسل کي منشيات جي عادت کان بچڻ ۽ ان جي استعمال کي ڇڏي ڏيڻ بابت تربيتي ليڪچر ڏنا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Nov 2024
•
سندھ
حيدرآباد؛ قاسم آباد میں آرٹلیکس ایل ای ڈی ورلڈ کا افتتاح
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
22nd Nov 2024
•
سندھ
حيدرآباد؛ قاسم آباد میں آرٹلیکس ایل ای ڈی ورلڈ کا افتتاح
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ ڌرڻو، نوان ڪئنال منصوبو سنڌ جي هزارين سالا تهذيب کي برباد ڪرڻ جي سازش آهي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي جو اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
ڊگري ڪاليج ۾ منشيات
کي منشيات واپرائڻ
ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ،
ايس ايس پي سجاول شهلا قريشي
SSP Shehla qureshi
0 تبصرے