English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: سنڌ جا رٽائرڊ ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻيل
views
|
17th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: سنڌ جا رٽائرڊ ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻيل
ٺٽو( ڊر) سرڪاري رٽائرڊ ملازمن جا جائز مسئلا حل نہ ٿيڻ خلاف گريوا جي پليٽ فارم تان سنڌ جا سمورا رٽائرڊ ملازم سراپا احتجاج بڻجي پنھنجي جائز مسئلن گروپ انشورنس، بينوئل فنڊ، صحت ڪارڊ، سن ڪوٽا، رھيل 10 سيڪڙو بيلنس جي حاصلات لاء جاڳرتا مھم جاري ڪري ڇڏي اھي، ان سلسلي ۾ گورنمنٽ رٽائرڊ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئشن (گريوا) سنڌ ضلعي ٺٽي طرفان پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاء ڊگري ڪاليج مڪلي تي ھڪ احتجاجي جلسي عام منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ گريوا سنڌ جي مرڪزي صدر ابوڪر خاصخيلي، محمد سليمان جوکيو، نثار اُحمد راجپوت، محمد اقبال جوکيو، سيد نواز علي شاھ رضوي، زوار عبدالطيف ڀٽي سميت وڏي تعداد ۾ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن شرڪت ڪئي، منعقد ڪيل احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي گريوا سنڌ جي مرڪزي صدر سردار ابوڪر خاصخيلي چيو تہ سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن سان ھميشہ سنڌ حڪومت ويساھ گھاتيون ڪري سندن حق غضب ڪيا آھن، پر ھاڻي سمورا رٽائرڊ ملازمن ھڪ پليٽ فارم تي جمع ٿي ڇڪا آھن، جيڪي پنھنجي حقن جي حاصلات لاء جدوجھد جي ميدان تي آھن، ھن چيو تہ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي اڃان تائين گروپ انشورنس، بينوئل فنڊ، صحت ڪارڊ، سن ڪوٽا سميت رھيل 10 سيڪڙو بيلنس ملي ناھي سگھيو، جيڪا انھن سان وڏي ناانصافي آھي، ھن چيو تہ سمورا ملازم سڃي زندگي ڊيوٽي ڪندي 60 سال پورا ڪري ڇڏين ٿا، پر سنڌ سرڪار انھن جا جائز مسئلا بہ حل ڪرڻ لاء تيار ناھي جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي، ھن نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ سنڌ جي سمورن کاتن جي سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس، بينوئل فنڊ، صحت ڪارڊ، سن ڪوٽا، رھيل 10 سيڪڙو بيلنس ڏيئي کين پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ وڌيڪ راء عمل جوڙي جدوجھد کي تيز ڪيو ويندو، جيڪو مسئلن جي حل تائين جاري رھندو، جلسي کي گريوا جي اڳواڻن نثار راجپوت، محمد سليمان جوکيو، سيد نواز علي شاھ رضوي، محمد اقبال جوکيو، زوار عبدالطيف ڀٽي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Jul 2025
•
شوبز
کراچی: معروف اداکارہ اور ماڈل حمیرہ اصغر کی کئی دن پرانی لاش فلیٹ سے برآمد
08th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بابا کی روح مسکرا رہی ہو گی..!!
08th Jul 2025
•
پاکستان
پاکستان ورکرز ویلفیئر فنڈ، وزارت آئی ٹی اور این آئی ٹی بی کے درمیان آن لائن سرکاری خدمات کی فراہمی کے لیے معاہدہ
08th Jul 2025
•
تازہ ترین
بلاول کو وزیراعظم بنانے تک زرداری استعفیٰ نہیں دے گا
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ٽيجهي جي موقعي تي ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلس عزا برپا
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جو اجلاس
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جي مان ۾ تقريب منعقد، کين انعام ڏنا ويا
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ بيواهه عورت جو معذور پٽ سميت احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سرڪاري رٽائرڊ ملازمن
ٺٽو
گريوا جي پليٽ فارم
مسئلن گروپ انشورنس، بينوئل فنڊ
0 تبصرے