پ پ ٺٽي ضلعي جو اھم اجلاس صادق علي ميمڻ جي صدارت ھيٺ گذريو

پ پ ٺٽي ضلعي جو اھم اجلاس صادق علي ميمڻ جي صدارت ھيٺ گذريو

پ پ ٺٽي ضلعي جو اھم اجلاس صادق علي ميمڻ جي صدارت ھيٺ گذريو

ٺٽو:(رپورٽ شفيق ڀٽي) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي ٺٽي جي اهم اجلاس پ پ پ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ جي هائوس تي ٿيو جنهن جي نگراني پ پ پ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ ڪئي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ٺٽو جي سموري قيادت ڀرپور شرڪت ڪئي اجلاس ۾ شريڪ پيپلزپارٽي ٺٽو جي قيادت پاران 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سورهين ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لا۽ ٺٽي مان به سوين گاڏين جا ڪافلا ڳڙهي خدابخش ڀٽو روانگي تي غور ويچار ڪيو ويو اجلاس ۾ پ پ پ ٺٽو جي صدر صادق علي ميمڻ اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض شاه شيرازي سيد محمود عالم شاه بخاري امتياز قريشي ضلعا ڪائونسل ٺٽو جي چئيرمين عبدالحميد پنهور ممتازعلي چنڊ جانگهيرخان پالاري ڪنيالال ڪوهستاني سيد امتياز شاه شيرازي عبدالخالق سومرو غلام قادر پليجو وڏيرو حيدرعلي شورو غلام حيدر خاصخيلي ڀورو سرڪي سردار فيصل خان ٻٻر سميت پيپلزپارٽي جي جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي