چوھڙ جمالي ويجھو پراڻي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ چاچو ۽ ڀائٽيو قتل

چوھڙ جمالي ويجھو پراڻي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ چاچو ۽ ڀائٽيو قتل

چوھڙ جمالي ويجھو پراڻي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ چاچو ۽ ڀائٽيو قتل

چوھڙجمالي (رپورٽر) چوھڙجمالي ويجهو درگاھ شاھ يقيق تي پراڻي دشمني تان درس خليفا برادري جا چاچو ۽ ڀائيٽيو گوليون لڳڻ ڪري قتل، درگاھ شاھ يقيق جي درس خليفا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جوابدارن 18 سالا نوجوان رمضان عرف يارو درس پٽ علي نواز درس ۽ سندس چاچي عزيز الله عرف بابو خليفو کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو جڏھن ته مقتول نوجوان ۽ سندس چاچي جا لاش رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي آندا ويا جتي مقتول نوجوان جي پيءۡ علي نواز درس ٻڌايو ته اسان جي پراڻي دشمني هلندڙ هئي ھن الزام ھڻندي چيو ته جوابدارن عثمان درس ۽ سندس ڀائيٽي سجاد درس ڪچو پڪو اسٽاپ تي ويٺل منهنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪيو جنهن کانپوء سندس چاچو عزيز الله عرف بابو خليفو کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي ٻي طرف آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو