English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اقوام متحده کي اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت ڇو نظر نٿي اچي: اياز لطيف پليجو
266 views
|
06th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
اقوام متحده کي اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت ڇو نظر نٿي اچي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ اقوام متحده کي اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت ڇو نظر نٿي اچي۔ فلسطين ۾ تاريخ جي بدترين دھشتگردي ٿي رھي آھي۔ ھڪ ڪروڙ اسرائيلين آڏو 40 ڪروڙ عرب خاموش آھن جن عربن جي تيل تي سڄي دنيا ھلي ٿي آھي انساني تاريخ جي بدترين دھشتگردي جو مقابلو نہ ڪري رھيا آھن. معصوم ماڻھن کي قتل ڪيو پيو وڃي۔ اسرائيل حق ۽ سچ جو آواز دٻائڻ لاء ميڊيا ھائوسز ۽ اسپتالن تي حملا ڪري رھيو آھي۔ مسلمان ملڪن مجرماڻي خاموشي نہ ٽوڙي تہ انھن جو وارو اچڻ تي اڪيلا رھجي ويندا۔ آمريڪا اسرائيلي دھشتگردي کي ھٿي ڏئي رھيو آھي۔ ھن اھڙو اظھار پريس ڪلب حيدرآباد ۾ فلسطين بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ اسرائيل ظلم، بربريت ۽ دھشتگردي جو بنياد آھي۔ اسرائيل معصوم ٻارن ۽ عورت جو قاتل آھي۔ عالمي دنيا اسرائيلي دھشتگردي آڏو خاموش تماشائي بنجي وئي آھي۔ اھو عمل اسرائيلي بربريت کان بہ وڏو ڏوھ آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيلي جنگي جارحيت کي روڪڻ لاء اقوام متحده ۽ اسلامي ملڪن کي عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ ھي وقت مذمت کان اڳتي وڌي عمل ۾ اچڻ جو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ خطرناڪ ھٿيارن جي نالي ۾ آمريڪا عراق کي ملبي جو ڍير بنائي ڇڏيو پر اتان ڪو بہ ھٿيار ھٿ نہ آيو۔ اسرائيل انھي آمريڪا جو ناجائز اولاد آھي جنھن فلسطين تي ظلم جا پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ الميو اھو آھي جو انساني حقن جي عالمي تنظيمن بہ اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن۔ دنيا ۾ اسرائيلي ظلم خلاف وڏا وڏا احتجاج ٿي رھيا آھن۔ فلسطين جا ماڻھو پنھنجي بقا جي جنگ وڙھي آھن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
ayaz latif palijo
qaumi awami tehreek
QAT
0 تبصرے