شڪارپور ۾ پوليو مھم تيزي سان جاري، ڊي سي پاران مھم جو دورو

شڪارپور ۾ پوليو مھم تيزي سان جاري، ڊي سي پاران مھم جو دورو

شڪارپور ۾ پوليو مھم تيزي سان جاري، ڊي سي پاران مھم جو دورو

شڪارپور ( احسان ابڙو ) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران پوليو مهم جو دورو پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي . ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ 27 نومبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جو دورو ڪيو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي . دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور يو سي جنو ۾ ٻارن جي آڱرين تي پوليو مارڪ پڻ چيڪ ڪيا. ان کان بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ خاص اسپتال ۾ پوليو جي حوالي سان بريفنگ ورتي. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي فوڪل پرسن نعيم الله پٺاڻ ٻڌايو ته اسان جون ٽيمون گهر گھر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياري رهيون آهن. ھن ٻڌايو ته يو سي جنو مان 7 ناٽ اويليبل ٻارن مان 2 ٻار مليا آھن جن کي اسان جي ٽيم پوليو کان بچاء جا قطرا پياريا آهن ۽ 5 ٻار جيڪي رهن ٿا انهن جي لاءِ بہ اسان جون ٽيمون مسلسل ڪوشش ۾ آهن.ان کان بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ خورشيد حيدر الله بخش سومرو (خاص) اسپتال جو پڻ دورو ڪيو. دوري دوران ڊاڪٽر مير محمد ڀيو پاران خاص اسپتال جي اسٽرڪچر بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر مير محمد ڀيو ٻڌايو ته اسان شڪارپور جي عوام لاءِ اسپتال ۾موجود علاج جون سموﺭيون سهولتون مفت ۾ فراهم ڪري رھيا آھيون جنھن ۾ ڊاڪٽر ، فارميسي ، ايڪسري، ليبارٽري،الٽراسائونڊ ، ايمرجنسي ۽ او پي ڊي شامل آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر مير محمد ڀيو پاران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ کي خورشيد حيدر الله بخش سومرو ( خاص) اسپتال جي مختلف شعبن جو پڻ دورو ڪرايو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته خاص اسپتال شڪارپور جي عوام لاءِ بهترين تحفو آهي ۽ شڪارپور جو عوام هن اسپتال مان علاج جون بهتر سهولتون حاصل ڪري سگهي ٿو.ان موقعي تي ڊي پي سي آر انچارج ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو ، فوڪل پرسن مظهر حسين ڄامڙو پڻ گڏ هئا