ملير ۾ مبينا اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻيل ناري جو والدين سميت احتجاج

ملير ۾ مبينا اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻيل ناري جو والدين سميت احتجاج

ملير ۾ مبينا اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻيل ناري جو والدين سميت احتجاج

ملير (رپورٽر) ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي جي حد در محمد ڳوٺ جي رهواسڻ مبينا طور تي زيادتي جو شڪار ناري رضوانه دستي پنهنجي پيءُ ۽ امڙ سان گڏ ملير پريس ڪلب پهچي وئي ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته مون کي پاڙي ۾ رهندڙ شخص نعيم ڪم بهاني سڏ ڪيو جڏهن آئون گهر ۾ داخل ٿيس ته سندن فيملي نه هئي ۽ گهر ۾ اندر نعيم سميت 2 ڄڻا حسيب ۽ الله وڌايو عباسي آهن موجود هئا جن مون کي زبردستي پڪڙي وات تي ڪپڙو ڏنو ۽ ساڻن گڏ بيٺل حسيب مون کي زيادتي جو نشانو بڻايو جنهن بعد اغوا ڪري کڻي ويا ۽ مسلسل زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا. 4 ڏينهن بعد زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ ۽ سندن ساٿارين پاران قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ سميت ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رات جي پيٽ ۾ در محمد ڳوٺ مان لڏو کڻائي ڇڏيو. واقعي جو ڪيس 9 ڏينهن گذرڻ باوجود به داخل ناهي ٿي سگهيو بااثر جوابدار قتل جي ڌمڪين سميت ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ان موقعي تي ناري جي پيءُ ۽ امڙ صحافين آڏو دانهيندي چيو ت 9 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪوب تحرڪ ناهي ورتو جڏھن ت جوابدارن پاران اسان کي خاموش رهڻ جون ڌمڪيون ب ڏنيون پيون وڃن هنن آءِ جي سنڌ، ڪراچي پوليس چيف، ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.