English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سولڊرٽي انٽرنيشنل ۽ سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران جيڪب آباد ضلعي جي 200برسات متاثرخاندانن ۾ راشن ۽ هائيجن ڪٽ تقسيم
62 views
|
24th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
سولڊرٽي انٽرنيشنل ۽ سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران جيڪب آباد ضلعي جي 200برسات متاثرخاندانن ۾ راشن ۽ هائيجن ڪٽ تقسيم
جيڪب آباد:عالمي سماجي تنظيم سولڊرٽي انٽرنيشنل Solidarity International ۽ سچل ويلفيئر آرگنائىزيشن پاران جيڪب آباد ضلعي جي برسات متاثر 200 مستحق خاندانن ۾ راشن ۽ هائيجن ڪٽ ورهايا ويا۔ عالمي سماجي اداري پاران هر مستحق خاندان کي 2 مڻ اٽو,10 ڪلو داليون,5 ليٽر ڪوڪنگ آئل سميت ٻيو کاڌي پيتي جو سامان فراهم ڪيو ويو.متاثر خاندانن کي صفائي سٿرائي لاء هائيجن ڪٽ پاڻي کي پيئڻ لائق بنائڻ لاء ايڪوا ٽيپ جون گوريون ۽ مڇرن کان بچاء جي لاء مڇر دانيون پڻ فراهم ڪيون ويون.ان موقعي تي عالمي سماجي تنظيم سولڊرٽي انٽرنيشنل ۽ سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن جا اڳواڻ پڻ موجود هئا.ان موقعي تي سچل ويلفيئر آگنائىزيشن جي سي اي او خادم حسين چيو ته عالمي سماجي اداري سولڊرٽي انٽر نيشنل جي تعاون سان 500 متاثر مستحق خاندانن ۾ هي پيڪيج ورهايو ويندو جنهن ۾ هن وقت تائين 200 خاندانن کي راشن جو پورو پيڪيج ۽ صفائي سٿرائي لاء هائيجن ڪٽ فراهم ڪيو آهي ۽ وڌيڪ 300 خاندانن کي پڻ ساڳيو پيڪيج ڏنو ويندو.ان کان علاوه ساڳي متاثرن کي هڪ مهيني کانپوء به راشن وارو پيڪيج ٻيهر به ڏنو ويندو.ان موقعي تي متاثرن ميڊيا سان ڳالهائىندي چيو ته عالمي سماجي اداري سولڊرٽي انٽرنيشنل ۽ سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن جا شڪر گذار آهيون جنهن برسات متاثر غريب ۽ مستحق خاندانن کي راشن ۽ صفائي سٿرائي جو ٻيو سامان مهيا ڪيو۔متاثرن وڌيڪ چيو ته عالمي سماجي ادارو سولڊرٽي انٽرنيشنل ۽ سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن يوسي ناوڙا,شاهپور,جاگير ۽ رمضان پور جهڙن برساتن ۾ مڪمل طور پاڻي هيٺ آيل علائقن ۾ بلا تفريق ڪم ڪيو.سولڊرٽي انٽرنيشنل انهن يوسين جي متاثر گوٺن کي مٺي پاڻي جي فراهمي لا نلڪا ۽ پاڻي ڳوٺاڻن جي درن تائين پهچائڻ لاء لائنون لڳائي رهي آهي جيڪو قابل تحسين ڪم آهي۔متاثر ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته عالمي سماجي ادارو ڳوٺن ۾ ماڻهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ليٽرين پڻ ٺاهي ڏئي رهي آهي جيڪو ڪم قابل تحسين ڪم آهي ۽ اسين جيڪب آباد جي عوام پاران سولڊرٽي انٽرنيشنل جا شڪر گذار آهيون جنهن هن مشڪل وقت ۾ جيڪب آباد جي ماڻهن جي مدد ڪئي.اسين سولڊرٽي انٽرنيشنل جي اعلي عملدارن کي اپيل ٿا ڪيون ته جيڪب آباد هڪ پٺتي پيل ضلعو آهي ان لاء اتي وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ڳوٺ سهراب خان جکراڻي واسي جيالي جو احتجاج
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ ڊاڪٽرحذب الله ڀٽو پاران سجاول جانورن جي اسپتال جو دورو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جيڪب آباد
عالمي سماجي تنظيم
سولڊرٽي انٽرنيشنل
Solidarity International
سچل ويلفيئر آرگنائىزيشن
sachal
0 تبصرے