موھن جي دڙي مان ھٿ آيل ڪجھ سِڪن تي ڪشان دور جي بادشاھ جي تصوير ظاھر

موھن جي دڙي مان ھٿ آيل ڪجھ سِڪن تي ڪشان دور جي بادشاھ جي تصوير ظاھر

موھن جي دڙي مان ھٿ آيل ڪجھ سِڪن تي ڪشان دور جي بادشاھ جي تصوير ظاھر

موهن جو دڙو: قديم ماڳ جي اسٽوپا وٽان ڪُشان دور جي هٿ آيل ٽامي جي سڪن کي موهن جي دڙي تي قائم لئبارٽري ۾ صاف ڪرڻ جو عمل جاري.
ماھرن جو چوڻ آھي تھ 5 ڪلو کان وڌيڪ سڪا ڪَٽُ ۽ مٽي سبب ڳوڙهو بڻجي ويا هئا.جن.کي مختلف ڪيميڪل ذريعي مرحلن مان گذاري صاف ڪيو پيو وڃي.، اسسٽنٽ ڪيميسٽ رُستم ڀٽو طرفان صفائي جي ابتدائي مرحلي ۾ ڪجهہ سڪن تي ڪشان دور جي هڪ بادشاهہ جي تصوير ظاهر ٿي آهي.جنهن مان ثابت ٿئي ٿو تہ اهي سڪا 2 صدي جي ڪشان دور جا ٿي سگهن ٿا،
آرڪيالاجي جي سينئر انجنئر علي حيدر گاڏهي ۽ ڪوٽڏيجي ميوزيم جي ڪيوريٽر روحل امين گهمرو لئبارٽري ۾ پهچي هٿ آيل سڪن جو ويجهڙائي کان جائزو ورتو.اسٽوپا وٽان سڪا ملڻ ماڳ جي تاريخ جي وڏي دريافت آهي.ماهرن جي تحقيق بعد حقيقت سامهون ايندي
اسسٽنٽ ڪيمسٽ رستم ڀٽو جو چوڻ آھي تھ هٿ آيل سڪن جو وزن 5 ڪلو کان وڌيڪ آهي. سڪن کي مڪمل صاف ڪرڻ بعد سڪن مٿان انگ اکر ۽ تصويرون ظاهر ٿينديون. ٿن ڪم ۾ هڪ مهينو لڳندو. جنهن کان پوء اهي قديم سڪا ماهرن جي تحقيق لاء تيار ٿي ويندا.