English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي مان ۾ آجياڻو
16 views
|
22nd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي مان ۾ آجياڻو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي) ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي مان ۾ ڪائونسلر سهيل سولنگي ۽ ساٿين طرفان آجياڻو ڏنو ويو جنهن جي صدارت پ پ ڪراچي اوڀر جي ضلعي ڪوآرڊيبيٽر آصف خان جي هئي ۽ خاص مهمان چيئرمين صفوره ٽائون راشد خاصخيلي هو جڏھن اعزازي مهمانن ۾ حاڪم جسڪاڻي, اقبال ساند, ميڊم نصرت ڏيپر, چيئرمين يوسي 3 سچل ڳوٺ تاج محمد وساڻ, چيئرمين يوسي 4 بشير خاصخيلي, چيئرمين يوسي 1 ثاقب, سيد احمد شاھ ڪاظمي ۽ ٻيا شامل هئا تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پڻ اوڍايا ويا ۽ ڪائونسلر سهيل سولنگي آيل مهمانن جي آجيان ڪئي. پروگرام جي ڪارروائي خالد چنا ۽ يعقوب سولنگي هلائي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 1977ع ۾ اڳوڻي آمر ۽ ڊڪٽيڪٽر جي دور ۾ جمهوريت ۽ آئين جو قتل ڪيو ويو هو, ان دور ۾ آمريت خلاف ڳالهائڻ ۽ لکڻ وڏو گناھ سمجهيو ويندو هو, ان ظالماڻي عمل مان به پيٽ نه ڀريو ته وري محترمه بينظير ڀٽو کي به شهيد ڪرايو ويو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سچل ڳوٺ پ پ وڻ آھي ۽ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ, ماروئڙا ڳوٺ, شاهنواز شر ڳوٺ, شھيد مخدوم بلاول ۽ ٻيا علائقا ان جون شاخون آھن, ھنن وڌيڪ چيو ته پ پ جي عوام ۾ مقبوليت سبب مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آھن. ايندڙ اليڪشن ۾ پارٽي طرفان جنهن به اميدوار کي ٽڪيٽ ملندي اسان سڀ گڏجي ان جا هٿ مضبوط ڪنداسين. ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي چيو ته منهنجو ننڍپڻ سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ کيڏندي ۽ گهمندي گذريو آھي منهنجي ڪوشش آھي ته مان پنهنجن علائقن ۾ ايترا ترقياتي ڪم ڪرايان جو ايندڙ اليڪشن ۾ چونڊجي ايندڙ ايم پي اي ۽ ايم اين اي چون ته هتي سڀ سهولتون موجود آھن ۽ ھاڻي اسان ٻيو ڪهڙو ترقياتي ڪم ڪرايون. ان موقعي تي پ پ ليڊيز اڳواڻ غلام سڪينه ڪلر, پروين طارق معشوق منگي, اڪبر شاه ڪاظمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں مشتعل افراد کا حملہ، انسداد تجاوزات کا ٹرک نذرِ آتش
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں کمسن طالب علم پر تشدد کرنے والا مدرسے کا استاد گرفتار
03rd Dec 2025
•
دنیا
والد کی آخری رسومات فلمانے پر سنی دیول کا شدید ردِعمل، پاپارازی کا کیمرہ ضبط کرلیا
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي سنڌ جي ڪچي جو نو لکو ھار آھي. ڪراچي ۾ ڪنهن بہ ھٿ وڌو ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا بند ڪري سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين: اياز لطيف پليجو
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں مشتعل افراد کا حملہ، انسداد تجاوزات کا ٹرک نذرِ آتش
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں کمسن طالب علم پر تشدد کرنے والا مدرسے کا استاد گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
سچل ڳوٺ
بلدياتي چونڊن
0 تبصرے