پي ٽي آءِ پاران پارٽي ڇڏيندڙ افتخار لنڊ کي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

پي ٽي آءِ پاران پارٽي ڇڏيندڙ افتخار لنڊ کي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

پي ٽي آءِ پاران پارٽي ڇڏيندڙ افتخار لنڊ کي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: پي ٽي آءِ کي الوداع ڪندڙ افتخار لنڊ کي پارٽي قيادت پاران صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
افتخار لنڊ پاران پي ٽي آءِ جو صوبائي عهدو وٺڻ کان به انڪار، منهنجو في الحال پي ٽي آءِ کان رستو الڳ آهي: افتخار لنڊ فيصلي تي قائم
جي يو آءِ سنڌ جي امير مولانا راشد محمود سومرو پاران پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ افتخار لنڊ سان رابطو، افتخار لنڊ کي پي ايس 21 تي ٽڪيٽ ڏيڻ جي آڇ
ذريعن جو چوڻ آھي تھ افتخار لنڊ جون پيپلز پارٽي کان پوءِ جي يو آءِ سان به ڳالهيون شروع ٿي ويون، پي ايس 21 جي ٽڪيٽ ملڻ جي صورت ۾ افتخار لنڊ جميعت علماءَ اسلام جو حصو بڻجي ويندو
افتخار لنڊ جو چوڻ آھي تھ پي ٽي آءِ ڇڏي چُڪو آهيان، صوبائي عهدو ڪنهن جي صلاح سان ڏنو ويو آهي، اهو پي ٽي آءِ جي قيادت ئي ٻڌائي سگھي ٿي.