سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي ميمبر شپ جاري

سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي ميمبر شپ جاري

سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي ميمبر شپ جاري

ڪراچي (نبي بخش خاصخيلي)سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به عوامي نيشنل پارٽي جي ميمبرشپ ۽ نيون تنظيمون ٺاهڻ جو سلسلو جاري آهي. اي اين پي ۾ يوسي، ضلعي، صوبائي ۽ مرڪزي تنظيمون هر چئن سالن بعد ميمبرشپ جي بنياد تي ٺاهي وينديون آهن. ان سلسلي ۾ اي اين پي اڳواڻ محمود خان محسود جي ميزباني ۾ ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ٽائون احسن آباد ۾ 6 يوسين جي سمورن وارڊن جي نئين تنظيم سازي ۽ حلف برداري جي تقريب منعقد ڪئي. جنهن ۾ يوسي 5 جي جنرل باڊي متفقه طور تي اسلام جان بٽني کي صدر ۽ ڊاڪٽر راشد علي خان کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. سڀني چونڊجي آيل عھديدارن کان ضلعي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين حلف ورتو. ان موقعي تي عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻن محمود خان محسود. سيد حنيف شاهه آغا. شازيه رزاق مروت. شير محمد آفريدي. فھيم جان. اسلام جان بٽني ۽ ٻين چيو ته اسين سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي ۾ امن امان چاھيون ٿا. سنڌ ڌرتي ھميشه پيار ۽ محبت ڀائيچاري جو درس ڏنو آھي. ھنن چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني ترسيل پرڏيھين کي نيڪالي ڏني وڃي پر ان جي آڙ ۾ سالن کان سنڌ ۾ آباد پختونن کي ڪڍڻ يا انھن سان ظلم ڪرڻ سراسر ناانصافي آھي. پوليس رات جي پھر ۾ چادر چار ديواري جو تقدس پائمال ڪري رھي آھي پوليس غير قانوني مھاجرين جي نيڪالي جي آڙ ۾ پنھنجو روزگار شروع ڪري ڏنو آھي. جيڪو بند ٿيڻ گھرجي. اسان ڪراچي ۾ امن ۽ روزگار چاهيون ٿا، ايندڙ اليڪشن ۾ سياسي عمل کي ڏسنداسين، اسان جي منشور مطابق جيڪڏهن ڪا به پارٽي اسان سان اتحاد ڪندي تہ ڪراچي ۾ ان سان اتحاد ڪنداسين. ھنن چيو ته انگريزن جو فارمولو استعمال ڪري اسان کي ڌار ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. عوامي نيشنل پارٽي جو هر ورڪر ريڙھ جي هڏي مسل آهي، اڄ اهي ماڻهو جن هن پارٽيءَ جي مخالفت ڪئي، اهي اسان جي پارٽي ۾ موجود نه آهن، انهن ماڻهن جي مٿي تي عوامي نيشنل پارٽي جي لال ٽوپي موجود ناهي. سھراب ڳوٺ ٽائون عوامي نيشنل پارٽي جو قلعو آھي. اڄ ھن پروگرام ۾ ھزارن جي تعداد ۾ ڪارڪنن کي ڏسي خوشي ٿي آھي. تقريب ۾ اي اين پي جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سيد حنيف شاهه آغا. مرڪزي نائب صدر شازيه رزاق مروت. صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري شير محمد آفريدي. فهيم جان، سينيئر اڳواڻ محمود خان محسود. ضلعي جنرل سيڪريٽري رئوف خان. صوبائي يوٿ سيڪريٽري شاهد محسود. ضلعي جوائنٽ سيڪريٽري راشد يوسفزئي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.