ڪراچي جي ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ ھڪ ڏينھن واري مفت طبي ڪيمپ قائم

ڪراچي جي ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ ھڪ ڏينھن واري مفت طبي ڪيمپ قائم

ڪراچي جي ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ ھڪ ڏينھن واري مفت طبي ڪيمپ قائم

گڏاپ (رپورٽر) ڪراچي ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ قائم منهنجي امڙ لائبريري ۽ بھار فائونڊيشن جي روح روان سچل بھار وڌيو پاران ھڪ ڏينهن جي فري ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي جنهن ۾ ماھر ڊاڪٽر سوين مريضن کي تپاسيو۔ سچل بھار وڌيو کي جس ٿي ڏيان جيڪو ڊگهي عرصي کان ھن مھانگائي جي دور ۾ به عوام جي خدمت ڪري رھيو آهي۔: ميڊم بابرا اسماعيل۔ اسان ڪوشش ڪندا آھيون ته مسڪين ماڻهن کي وڌ کان وڌ سھولت ڏيون: سچل بھار وڌيو تفصيل موجب ڪراچي جي ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ قائم منهنجي امڙ لائبريري ۽ بھار فائونڊيشن جي سرواڻ سچل بھار وڌيو پنهنجي آفيس ۾ ھڪ ڏينهن جي فري ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي جنهن جو افتتاح چيئرمين انجمن فلاح بھبود براء وومين بابرا اسماعيل۔ ڊاڪٽر نويد الحسن صحافي عابد مجيد صحافي راڻا عبدالغفور ۽ صحافي فرحان حيدر شاهه ڪيو۔ ان موقعي تي بھار فائونڊيشن ۽ منهنجي امڙ لائيبريري جي سرواڻ سچل بھار وڌيو پاران آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا۔ جڏهن ڊاڪٽر خان محمد سوڍڙو مريضن کي تپاسيو ۽ مفت دوائون پڻ ڏنيون ۔ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ميڊم بابرا اسماعيل چيو ته آئون جس ٿي ڏيان سچل بھار وڌيو کي جيڪو اڄ جي مھانگائي ۽ وٺ وٺان واري دور ۾ به ڊگهي عرصي کان مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪري رھيو آهي ھن چيو ته ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ سميت آس پاس جي ڳوٺن لاء سچل بھار وڌيو مسيحا ثابت ٿيو آهي سنڌ سميت مختلف اين جي اوز جي ماڻهن کي به گھرجي ته سچل بھار وڌيو سان تعاون ڪندي ان سان گڏجي ڪم ڪن ته جيئن مسڪين ماڻهن کي سھولتون ملي سگهن ان موقعي تي سچل بھار وڌيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان پنهنجي وس آھر سرنديء وارن ماڻهن سان ملي ڪري مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪريون پيا پر موجوده مھانگائي جي دور ۾ عوام گهر جو چلھو به نٿي ھلائي سگهي اھا دوا وري ڪٿان وٺي سگھندي ان لاء سنڌ حڪومت ۽ ان جا لاڳاپيل ادارا نوٽيس وٺي عوام کي صحت جي سھولت ڏيارين۔ ۔