English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
46 views
|
08th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
امن امان جي موجوده صورتحال سميت ايندڙ ڏينهن ۾ رٿيل اهم ايونٽس بابت غور ويچار
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس آفيس ۾ آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي موجوده صورتحال سميت ايندڙ ڏينهن ۾ رٿيل اهم ايونٽس جي سيڪيورٽي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائم، گٽڪا ماوا ۽ ٻين ڏوهن خلاف پوليس جي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو ويو. پوليس ترجمان موجب آءِ جي سنڌ خاص طور اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين ڪيسن ۾ پيش رفت بابت ڄاڻ ورتي. آءِ جي سنڌ چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز کي هرگز نه ڇڏيو وڃي، منشيات، گٽڪا مافيا خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن، ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورا اپاءَ ورتا وڃن. آءِ جي سنڌ چيو ته ٻڌايو وڃي ته گرفتار جوابدارن مان ڪيترا عادي ڏوهاري آهن، جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ جي عمل بابت ٻڌايو وڃي، ڏوهارين کي پرو ايڪٽو پوليسنگ تحت قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، اسٽريٽ ڪرمنلز، مفرور/اشتهاري جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ انٽيليجنس معلومات کي اهميت ڏني وڃي، ڪرائيم اينالائيسز کي سامهون رکندي ڏوهن خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي، آپريشنل ۽ انويسٽيگيشن پوليس گڏجي ڏوهن خلاف ڪارروائي ڪري، جاچ جو معيار جيترو مضبوط هوندو، جوابدارن جي گرفتاري به وڌيڪ مضبوط ٿيندي، پوليس تي شهرين جو اعتماد مضبوط ڪرڻ لاءِ برادرين کي گڏ کڻي هلو، اسان کي شهرين جي خدمت جو مثال بڻجڻو پوندو. پوليس ترجمان موجب ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند اجلاس ۾ شهر ۾ ڏوهن جي صورتحال ۽ پوليس ڪريڪ ڊائون بابت بريفنگ ڏني.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
ڪراچي پوليس آفيس
آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا
0 تبصرے