نوشھروفيروز سول اسپتال ۾ زڪوات ۽ عشر ڪاميٽي جو گڏيل اجلاس

اجلاس جي صدارت زڪوات ۽ عشر ڪاميٽي جي چيئرمين خليفه شڪيل احمد ميمڻ ڪئي

نوشھروفيروز سول اسپتال ۾ زڪوات ۽ عشر ڪاميٽي جو گڏيل اجلاس

نوشهرو فيروز (ڊر) سول اسپتال نوشھروفيروز ۾ زڪوات ۽ عشر ڪاميٽي جو گڏيل اجلاس ٿي گذريو جنهن جي صدارت زڪوات ۽ عشر ڪاميٽي ضلع نوشھروفيروز جي چيئرمين خليفه شڪيل احمد ميمڻ ڪئي۔ اجلاس ۾ ڊاڪٽر سعيد احمد جلباڻيAMS، سينئر ڊاڪٽر نور حسين مورو، ضلعي زڪوات آفيسر عبداللطيف چنه، اسسٽنٽ سوشل ويلفيئر آفيسر سليم رضا سيال شرڪت ڪئي اجلاس ۾ اسپتال ۾ ايندڙ غريب مريضن جي علاج معالج بابت سرڪاري سطح تي ملندڙ سهولتن بابت بحث ٿيو جنهن بعد طئي ٿيو ته ماضي وانگر هن وقت به غريب مريضن لاء زڪوات فنڊ رکيو ويندو ته جيئن غريبن کي علاج جون سموريون سهولتون ملي سگهن اجلاس ۾اتفاق راء سان اهو پڻ طئي ٿيو ته محدود وسائلن کي وڌائڻ لاء سرڪار کي خط و ڪتابت ڪئي ويندي ڇوته اسپتال اندر تمام گهڻا مريض اچن ٿا جن کي سموريون سهولتون ڏيڻ مشڪل آھي انڪري زڪوات فنڊ کي به وڌائڻ جي ضرورت آھي ته جيئن ايمرجنسي، آپريشن ٿيٽر، دل جي وارڊ ۽ ڊائلاسز ۾ ايندڙ غريب مريضن جو سمورو خرچ ان فنڊ مان ٿي سگهي۔