ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ۾ رھواسين جو ٽائون چيئرمين خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

حددخلين جي نالي تي ڀتا خوري خلاف احسن آباد جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو

ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ۾ رھواسين جو ٽائون چيئرمين خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين خلاف شھري روڊن تي نڪري آيا. سهراب ڳوٺ جي غريب پورهيتن اشتياق احمد. حددخلين جي نالي تي ڀتا خوري خلاف احسن آباد جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ڌرڻي سبب سپر ھاء وي کان گلشن معمار ايندڙ مين روڊ ٽريفڪ لاء بند ٿي ويو. مظاھرين ٽائون چيئرمين خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. مظاھرين ۾ اشتياق احمد. اصغر علي. محمد اڪمل. محمد نديم. محمد اشفاق. ن ليگ اڳواڻ چوڌري تنوير. شرافت ڀٽي. چوڌري اشفاق احمد. محمد وسيم اڪرم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽائون چيئرمين سيوريج سسٽم. روڊ رستن. صفائي سٿرائي. اسٽريٽ لائٽن. پاڻي. بجلي سميت بنيادي مسئلن هي حل ڪرڻ بجاء غريب مسڪين ڏھاڙي دار مزدورن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو آھي. سهراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين لالا رحيم هر مهيني غريبن کان حددخلين جي نالي تي ڀتو وصول ڪري رهيو آهي. اسان جي انڪار تي ھن اسان غريبن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ٽائون چيئرمين لالا رحيم هر ريڙھي. فٽ پاٿ تي ويٺل غريب مزدورن کان 5 هزار رپيا ماهوار رشوت طلب ڪري رهيو آهي. ھنن وڌيڪ چيو ته ٽائون چيئرمين الآصف اسڪوائر. سهراب ڳوٺ. جونيجو ڪالوني. مڇر ڪالوني ۾ موجود افغانين کي تنگ نٿو ڪري پر تعصب جي بنياد تي ايوب ڳوٺ. لاسي ڳوٺ. احسن آباد ۾ سنڌي. پنجابي. سرائڪي بلوچ کي تنگ ڪري پنهنجا من پسند ماڻهو مقرر ڪرڻ چاهي ٿو. ھنن چيو ته اسين سرڪاري چالان ڀرڻ لاءِ به تيار آهيون. ان جي باوجود ٽائون چيئرمين اسان سان انتقامي ڪاروائي تي لھي پيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته 20 ڏينهن اڳ جوس جو ڪاروبار ڪندڙ غريب پورھيت جي جوس واري مشن کڻائي ويو آھي، 20 ڏينهن گذرڻ باوجود ٽائون جو چيئرمين پورھيت کي مشن واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس بار بار جاءِ خالي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پيو ۽ غريب پورھيت اشتياق احمد مٿان ڪوڙو ڪيا داخل ڪرائي کينس مارڻ جون ڌمڪين تي لھي پيو آھي ھي ڪٿي جو انصاف آهي؟ھنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آھي ته اٽو. ڪپڙو ۽ گھر پر ھتي ته آن جي ابتڙ ڪم پيو ھلي.ٽائون چيئرمين اسان کي بنا جواز حراسان ڪره پيو. اسان تي پڻ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته ھي جڳھ خالي ڪيو. ھنن چيو ته اسين مري وينداسين پر جڳھ خالي نه ڪنداسين ڪاروائي ڪرڻي آھي ته سڀني لاء گڏيل طور ڪئي وڃي تعصب جي بنياد تي ڪاروائي انتقامي ڪاروائي آھي. اسان جي معصوم ٻچڙن جو روزگار آھي جيڪو اسان کان کسيو پيو وڃي. احتجاج ڪندڙ سپريم ڪورٽ. سنڌ هاءِ ڪورٽ. سنڌ جي نگران وڏي وزير. سنڌ جي گورنر. ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو ته غريب مسڪين جي جوس واري مشن واپس ڪرائي ٽائون چيئرمين لالا رحيم خلاف ڪارروائي سندس ظلمن کان بچايو وڃي.