ڏوڪري ويجھو ڳوٺ بدل سمون ۾ عيد ميلادالنبي صلعم جي حوالي سان تقريب

پرائمري اسڪول ۾ تقريب منعقد ٿي، ٽي اي او ارشاد ٻگھيو، ارشاد جوڻيجو، استاد ننگر ٿھيم ۽ ٻيا شريڪ

ڏوڪري ويجھو ڳوٺ بدل سمون ۾ عيد ميلادالنبي صلعم جي حوالي سان تقريب

ڏوڪري (اطهر ميمڻ)ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ بدل سمون جي پرائمري اسڪول ۾ جشن عيدالميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر ارشاد ٻگهيو، ارشاد جوڻيجو،استاد ننگر ٿهيم، فهد جوڻيجو، علي رضا جوڻيجو، زبير جکرو، انور ميمڻ ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته جشن عيدالميلادالنبي ﷺ جي تقريب ۾ فرحانہ ڪلهوڙو، سارنگ جوڻيجو، فاطمہ سمون، محمد ادريس ڪوري، دعا جوڻيجو، صاديہ ٿهيم، مرڪ ڪلهوڙو آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي شان ۾ نعتون پڙهيون. ان موقعي تي تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر ارشاد ٻگهيو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آقا محمد مصطفي ﷺ هيمشہ امن محبت ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي مسلمان کي به گهرجي ته آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي ڏنل رستي تي هلندي اهلبيت عليہ السلام جن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ ۾ ڀائيچارو قائم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم سان ئي معاشري ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي والدين کي به گهرجي ته پٽن سان گڏ نياڻين کي به تعليم ڏيارين.