English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ بھار فائونڊيشن پاران محقق عنايت کٽياڻ سان سرھي سانجھ ملھائي وئي
views
|
06th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ منعقد تقريب ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون شريڪ
گڏاپ (رپورٽر)بھار فائونڊيشن پاران منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ سياسي ، سماجي ، اديب ، شاعر ۽ سنڌ جي تاريخ جي محقق عنايت کٽياڻ سان سرھي سانجھ ملھائي وئي ، اسان کي پنھنجي ھيروز کي ان جي زندگي ۾ مڃتا ڏيڻ گھرجي جيڪي پنھنجي زندگي جو نور نچوڙي قوم جي خدمت ڪن ٿا محمد سچل وڌو ان موقعي تي ڊاڪٽر عابد مظھر ، پنھل لاڙڪ ، پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ يو سي چيئرمين بشير خاصخيلي ، پي ٽي آئي اڳواڻ آفتاب گوپانگ ۽ بھار فائونڊيشن جي وائيس چيئرمين پرويز احمد ڄامڙو ڳالھائيندي چيو ت عنايت کٽياڻ گھڻ رخي شخصيت آهي قومي ڪارڪنن ھئڻ سان گڏ ھي ھميشه سماجي ڪمن ۾ متحرڪ رھيو آھي ڪراچي سچل ڳوٺ توڙي ٻين سنڌي وسندين کي آباد ڪرڻ ۽ انھن کي سھولتون ڏيارڻ ۾ عنايت کٽياڻ جو تمام وڏو قردار رھيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ت عنايت کٽياڻ ڪيترن سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ داخلائون ڪرايون ت جيئن سنڌي قوم جي نوجوانن تعليم سان گڏ سياسي پختگي حاصل ڪري قوم جا ھڏ ڏوکي ۽ ڀرجھلا ٿين ھنن وڌيڪ چيو ت عنايت کٽياڻ سنڌ جي ماڳن مڪانن جي تاريخ سھيڙي سنڌي قوم تي احسان ڪيو آھي ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ت ھي پھريون ڀيرو آھي جو ڪنھن قومي ڪارڪن کي مڃتا ڏني پئي وڃي بھار فائونڊيشن جي سموري ٽيم جس لھي ، اڪثر ماڻھو خوشامند ۾ سٺ سالن جي پوڙھي جي سالگرھ ملھائي وڏا خوش ٿيندا آھن پر ڪنھن قومي ڪارڪن کي مڄتا ڏيڻ ۾ کين تڪليف ٿئي ٿي ، نالي واري اديب ، شاعر ، دانشور تاريخدان عنايت کٽياڻ ڳالھائيندي چيو ت مون ڪنھن تي ڪوئي احسان ناھي ڪيو آئون ھڪ قومي ڪارڪن آھيان مون پنھجي حصي جو ڪم ڪيو آھي ۽ سنڌي قوم لاء جيستائين زنده آھيان جاکوڙيندڙ رھندس ھن وڌيڪ چيو ت بھار فائونڊيشن وارن جو تمام گھڻو ٿورائتو آھيان جن منھنجي لاء اھڙو بھترين پروگرام ڪيو آھي بھار فائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل وڌو ھميشه منھنجو ڀرجھلو بڻيو آھي مون کي جڏھن فالج ٿيو ۽ بعد ۾ وري دل جو مسئلو ٿيو ت سچل وڌو ڏينھن رات مون سان گڏ رھيو ڪڏھن ب مون مايوس ٿيڻ ن ڏنائين ، پروگرام ۾ ريڊيو ٽي وي جي مشھور فنڪار شھزاد ٻرڙو سنڌ منھنجي امان سونھن تنھنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان ڳائي ۽ مان سينڌ سنڌوء جي سجائيندس ڳائي نوجوانن کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ان موقعي تي آتش پھنيار ، ذوالفقار سيال ، استاد عاشق حسين وڌيو ، ڊاڪٽر خان محمد سوڍڙو ۽ مشتاق اڄڻ سميت علائقي واسي شريڪ ٿيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گهڻن صوبن واري رٿا سنڌ جي بقا ءَ سلامتيءَ وحدانيت ۽ وجود تي وار
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي پورهيتن جون رهتون ڏيڻ لاءِ 2 ارب 87 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ترقي جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي: اياز لطيف پليجو
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ۾ ٽائون ڪميٽي مٺياڻي ۾ اجلاس
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
بھار فائونڊيشن
منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري
ڌڻي بخش بروھي
عنايت کٽياڻ سان سرھي سانجھ
0 تبصرے