ٽبڊو رحيم ويجهو پرائمري اسڪول جي عمارت نه ملڻ سبب ٻارڙا کليل آسمان هيٺ پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور

1989ع ۾ اسڪول منظور ٿيو، هن وقت تائين عمارت ۽ فرنيچر ناهي مليو: ڳوٺاڻا

ٽبڊو رحيم ويجهو پرائمري اسڪول جي عمارت نه ملڻ سبب ٻارڙا کليل آسمان هيٺ پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور

ٽنڊو رحيم ويجهو پرائمري اسڪول جي عمارت نه هئڻ سبب ٻارڙا ڇپري هيٺان پَٽَ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ سائين رکيو شاھاڻي ۾ 1989ع ۾ منظور ٿيل اسڪول کي هن وقت تائين عمارت ناهي ملي سگهي، جڏهن ته فرنيچر نه هئڻ سبب ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، تعليم کاتي جي آفيسرن جي دورن باوجود عمارت، فرنيچر ۽ ٻيون سهولتون ناهن ملي سگهيون