روس جو وڌيڪ هڪ 16رڪني سياحتي وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو پهتو

سياحتي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا ۽ ٻيا قديم آثار گهمي ڏٺا،

روس جو وڌيڪ هڪ 16رڪني سياحتي وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو پهتو

روس جو وڌيڪ هڪ سياحتي وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو پهتو، عورتن ۽ مردن تي ٻڌل 16 رڪني سياحتي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا ۽ ٻيا قديم آثار گهمي ڏٺا، گذريل ڏينهن به روس مان 10 رڪني سياحتي وفد موهن جو دڙو پهتو هو، پرڏيهي سياحن جو چوڻ آهي ته موهن جو دڙو جي تهذيب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، قديم زماني جا ماڻهو تمام گهڻا ذهين ۽ ڪاريگر هئا جن اهڙي عاليشان تهذيب جو بنياد وڌو، موهن جو دڙو دنيا اندر موجود قديم تهذيبن کان مختلف ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو،