شڪارپور ۾ سکر جيڪب آباد روڊ سرڪٽ ھائوس ۽ ليڊيز ڪلب جي گرين بيلٽ جو افتتاح

ڊسٽرڪٽ چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو ۽ ڊي سي الطاف احمد چاچڙ ٻوٽو پوکي افتتاح ڪيو

شڪارپور ۾ سکر جيڪب آباد روڊ  سرڪٽ ھائوس ۽ ليڊيز ڪلب  جي گرين بيلٽ جو افتتاح

شڪارپور (احسان ابڙو) گرين بيلٽ جي افتتاحي تقريب شڪارپور ۾ سکر جيڪب آباد روڊ سرڪٽ ھائوس ء ليڊيز ڪلب جي گرين بيلٽ جو افتتاح ڪيو ويو تفصيل موجب شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور جي طرفان گرين بيلٽ جي افتتاحي تقريب ٿي گذري. شڪارپور ۾سکر جيڪب آباد روڊ تي گرين بيلٽ جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ٻوٽو پوکي افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ افتتاحي تقريب سان ڳالهائيندي چيو ته ھي گرين بيلٽ شڪارپور جي خوبصورتي ۾اضافو ڪندو، ھن گرين بيلٽ ﮐﻲ وڌائي روڊ جي ٻنهي طرفن کان خوبصورت بڻايو وڃي. هن چيو ته شڪارپور جي خوبصورتي لاءِ مختلف چوراهن ۽ آفيسن ۾ وڻڪاري مهم جو آغاز ڪيو ويندو. افتتاحي تقريب ۾ ڳالهئيندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو چيو ته هن گرين بيلٽ سان شڪارپور جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو ۽ اسان شڪارپور جي خوبصورتي جي حوالي سان شھر جي مختلف چوراهن تي پارڪ پڻ ٺاهينداسي. ان موقعي تي گرين بيلٽ جي انچارج بريفينگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين کي ٻڌايو ته هن گرين بيلٽ ۾ 8 ملازم مقرر ڪيا ويا آهن، گرين بيلٽ ۾ گلاب جي گل سميت مختلف قسمن جا گل ۽ ٻوٽا رکيا ويا آهن.