English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ابراهيم حيدري ٽائون ۾ تمام گهڻا ڪم ڪرائڻ جي ضرورت آهي: ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو
16 views
|
22nd Oct 2023
•
سنڌي خبرون
عوام لاءِ پهرين بجيٽ ۾ 76 ڪروڙ رپيا ترقياتي رٿائن لاءِ رکيا ويا آهن: ٽائون چيئرمين
ملير: ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نذير احمد ڀٽو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ابراهيم حيدري ٽائون ملير ضلعي جو سڀ کان وڏو ٽائون آهي جتي ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي ابراهيم حيدري ٽائون جي عوام لاءِ پهرين بجيٽ ۾ 76 ڪروڙ رپيا ترقياتي رٿائن لاءِ رکيا ويا آهن جڏهن ته 2 ايمبولينس ۽ هڪ فائر برگيڊ گاڏي پڻ بجيٽ ۾ رکي وئي آهي هن چيو ته اسان جي اولين ترجيح صحت، تعليم، پيئڻ جو پاڻي عوام تائين پهچائڻ آهي عوام کي صحت جي مفت سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ هر يوسي ۾ 2 ڊسپينسريون ۽ تعليم جي سهولت لاءِ 2 اسڪول تعمير ڪرايا پيا وڃن جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي جي سهولت لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيمن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ۽ پاڻي جون نيون لائينون وڇايون پيون وڃن ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو چيو ته محدود وسيلن باوجود عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن عوام اسان کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرايو آهي اسان جو فرض آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪيون عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ماسٽر پلان جوڙيو پيو وڃي انشاءَالله عوام جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي هلندي عوام جي خدمت جو عمل جاري رکيو ويندو هن چيو ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ابراهيم حيدري يوسي مان بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي عوام پاڪستان پيپلزپارٽي سان بي انتها محبت ڪري ٿي مرتضيٰ وهاب جي بنا مقابلي ڪاميابي پاڪستان پيپلزپارٽي جي فتح آهي جيڪا اسان لاءِ ۽ مرتضيٰ وهاب لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي هن چيو ته يوسي ابراهيم حيدري مان ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي ڪامياب ٿيڻ سان ابراهيم حيدري جي عوام کي وڌيڪ بنيادي سهولتون ميسر ٿينديون ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو وڌيڪ چيو ته ملير پريس ڪلب مظلوم عوام جي ترجمان آهي ملير پريس ڪلب جي صحافين هميشه حق ۽ سچ لکيو آهي صحافين پاران مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ سان اسان کي به ڄاڻ ملي ٿي جنهن سان عوام جا مسئلا حل ٿين ٿا صحافت ۽ سياست جو پاڻ ۾ ميلاپ آهي صحافت هڪ مقدس پيشو آهي صحافين کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي اسان جو فرض آهي ته صحافي برادري جا مسئلا حل ڪيون انشاءَالله ملير پريس ڪلب جي صحافين جا جيڪي به مسئلا پيش ڪيا ويا آهن انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ان موقعي تي ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو ۽ جنرل سيڪريٽري حنيف سومرو پاران ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو، ٽائون ميمبرن علي گجر، نعيم عباسي، يوسف خٽڪ ۽ ٻين مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ لونگي پارائي وئي ۽ کين ملير پريس ڪلب اچڻ تي ڀليڪار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں مشتعل افراد کا حملہ، انسداد تجاوزات کا ٹرک نذرِ آتش
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ جيان ملير به ثقافتي رنگ سان رڱجي ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ گوٺ ۾ مائي نياڻي درگاهه ڀرسان ندي مان اڻڄاتل شخص جي لاش هٿ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول جي عدالت ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ابراهيم حيدري ٽائون
ميونسپل ڪارپوريشن
ن نذير احمد ڀٽو
چيئرمين
ڀٽو
ڊسٽرڪٽ پريس
0 تبصرے