موسمياتي تبديلين سبب ٻن ٽن ورھين کان زيتون تي ملي بگ جا حملا جاري آھن: ڊاڪٽر شاھجھان

زيتونن تي مسلسل جيت مار دوائن جي ڦوهاري سبب انسان دوست جيتن جو خاتمو ٿيندو پيو وڃيڊاڪٽر عبدالصمد سومرو

موسمياتي تبديلين سبب ٻن ٽن ورھين کان زيتون تي ملي بگ جا حملا جاري آھن: ڊاڪٽر شاھجھان

ڏوڪري(رپورٽر) موسمياتي تبديلين سبب گذريل ٻن ٽن سالن کان زيتونن کي ميلي بگ جيت ڪافي نقصان پھچايو آهي. زيتونن جي باغن تي مسلسل جيت مار دوائن جي ڦوهاري ڪرڻ ڪري انسان دوست جيتن جو خاتمو ٿيندو پيو وڃي.(ڊاڪٽر شاھ جھان) لاڙڪاڻي ضلعي اندر زيتونن ۾ 80 کان وڌيڪ قسمن جي جيتن ۽ مکين جا قسم ڏٺا ويا آهن (ڊاڪٽر عبدالصمد سومرو) تفصيل موجب زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي اينٽامالاجي کاتي ۽ سنڌ ۾ آءِ پي ايم آف گاوا ميلي بگ، انجيسٽنگ گاوا آرچرڊ سنڌ جي عنوان سان زرعي يونيورسٽي فيصل آباد جي تعاون سان ھلندڙ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهجهان راجپوت ۽ ڊاڪٽر عبدالصمد سومرو سنڌ جي مختلف ۾ زيتونن جي باغن جي جائزي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلين سبب گذريل ٻن ٽن سالن زيتونن جي باغن ۾ ميلي بگ جيت فروٽ فلاءِ جو حملو ٿيو آهي جنهن ڪري باغن کي ڪافي نقصان پھچايو آهي.ھنن چيو ته زيتونن جي باغن تي مسلسل جيت مار ڦوهارو ڪرڻ سبب منفي اثر پيا آهن، ڦوهاري سبب انسان دوست جيتن جو خاتمو ۽ ماحولياتي آلودگي پڻ ٿي رهي آهي.انهي ڪري ھنن سنڌ جي زيتونن جي باعائن کي صلاحون ڏيندي چيو ته آبادگارن کي گهرجي تہ زيتونن جي ٻوٽي کي ھوا ۽ روشتي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.ميلي بگ کان بچاءَ لاءِ ٻوٽي جي ھر قطار ۾ مفاصلو ھئڻ ضروري آهي. ٻوٽن کي گندگاه کان صاف رکيو وڃي، فيبروري مارچ جي وچ دوران سيلپري ٽيپ جو استعمال ڪيو وڃي جيئن ميلي بگ سميت ٻيا نقصانڪار ڪيڙا ٻوٽي چڙهي نه سگهن. آبادگارن کي گهرجي ته بائيو ڪنٽرول ليبز سان رابطو ڪرڻ گهرجي،. جيت مار دوائن ۾ 3-4 چمچا ڊٽرجنت پائوڊر ۽ گاسليٽ ملائي استعمال ڪيو وڃي.نم جي پنن جو تيل AKK extract مهيني ۾ 3 دفعا ڏيڻ گهرجي.