اڄ مسلم امت جي زبانن تي تالا ڇو لڳل آهن: علامه راشد محمود سومرو

مسلم حڪمرانن کي خاموشي جي زنجير ٽوڙي ميدان ۾ اچڻ گهرجي.انساني حقن جا چيمپيئن ڇو خاموش آهن

اڄ مسلم  امت  جي زبانن تي تالا ڇو لڳل آهن: علامه راشد محمود سومرو

ڪراچي (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام ضلعي ملير ڪراچي جي اهتمام هيٺ دائود چورنگي لانڍي تي مولانا فضل الرحمان جي حڪم تي يوم طوفان اقصيٰ مظاهري کي جمعيت علماءِ اسلام سنڌ صوبي جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو، ضلعي امير مولانا احسان الله ٽڪروي، جنرل سيڪريٽري سيد اجمل شاهه شيرازي، مولانا قاضي منير الرحمان، ملاقا انوارالله فاروقي، ڪاري حمد الله حقاني، انجنيئر شاڪر خان ۽ ٻين عهديدار خيالن جو اظهار ڪيو. قائد جمعيت حضرت مولانا فصل الرحمان صاحت جي حڪم تي فلسطيني عوام ٻڌي جو اظهار ۽ اسرائيل جي بدمعاشي جي خلاف طوفان اقصيٰ مظاهرو ، ملير ڪراچي کي راشد محمود سومرو چيو ته مسلم حڪمرانن کي خاموشي جي زنجير ٽوڙي ميدان ۾ اچڻ گهرجي.انساني حقن جا چيمپيئن ڇو خاموش آهن. کين هاڻي غزا ۾ اسرائيل پاران ڪيل ظلم ۽ رتو ڇاڻ ڇو نه نظر اچي، انساني حقن جي دعوا ڪندڙن پنهنجا هٿ مظلومن، بيڏوهه مسلمانن جا هٿ رت سان رڳيل آهن. هن چيو ته فلسطيني پنهنجي زمين پنهنجي ملڪ ۽ مسجد اقصيٰ سان گڏوگڏ پنهنجين امڙين، ڀينرين ۽ نياڻين جي عزت جي جنگ وڙهي رهيا آهن. فلسطين تي ظلم ترت بند ٿيڻ گهرجن. پاڪستاني عوام هن مشڪل وقت ايماني جذبي تحت پنهنجي مظلوم هٿي خالي پنهنجي ڀائرن ، ڀينرن ۽ بزرگن سان گڏ بيٺو آهي. هاڻي پاڪستان جي مسلمانن جون دليون هاڻي به اقصيٰ لاءِ ڌڙڪي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان صاحب طوفان اقصيٰ ملهائڻ جو حڪم ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن وڌيڪ قيادت پاران وڌيڪ حڪم ٿيندو ته جمعيت علماءِ اسلام فلسطيني عوام ۽ اقصيٰ لاءِ هر حڪم تي لبيڪ لاءِ هر وقت تيار آهي. هن وڌيڪ سوڀاڻي پشاور ۽ 2 نومبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ اعظيم الشان اجتماعن کي جمعيت علماءِ اسلام جو قائد مولانا فضل الرحمان صاحب خصوصي خطاب ڪندو.