English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل بند ڪري سارين جو اگھھ 5 ھزار ڪيو وڃي: اياز لطيف پليجو
180 views
|
15th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي زرعي معيشت کي بھتر ڪرڻ سان غربت جو خاتمو ايندو، تيل، گئس ڏيندڙ سنڌ جا ماڻھو سھولتن کان محروم آھن
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي سارين جو اگھ 5 ھزار روپيا ڪيو وڃي. سنڌ جي زرعي معيشت کي بھتر ڪرڻ سان غربت جو خاتمو ايندو. تيل، گئس ڏيندڙ سنڌ جي ضلعن جا ماڻھو بنيادي سھولتن کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ شگر ملون، فيڪٽريون، ڪارخانا پ پ حڪمرانن جا ھجڻ ڪري فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ھٿ وٺي لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو. جڏھن ڪمند لھي ٿو تہ ان جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. ڪڻڪ لھي ٿي تہ باردانو گم ڪيو وڃي ٿو. ڦٽيون لھن ٿيون تہ انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، ھاڻ ساريون لھن پيون تہ انھن جو اگھ ٽڪي برابر ڪيو ويو آھي. فصلن تي وڏا خرچ آھن پر آبادگارن ۽ ھارين جو خرچ بہ نٿو نڪري. سنڌ حڪومت ۽ وفاق مڪمل لاتعلق بنيل آھن. سنڌ کي مافيائن جي حوالي ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھاري ۽ آبادگار خوشحال ھوندا تہ سنڌ ترقي ڪندي. غربت ختم ٿيندي. بک بدحالي ختم ٿيندي. بيروزگاري ختم ٿيندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي مافيا بنجي سنڌ جي وسيلن جا سودا ڪري رھي آھي. زرداري نٿو چاھي تہ سنڌ ۾ جمھوريت، ميرٽ ۽ شفافيت ھجي. سنڌ جا ماڻھو يرغمال ھجن، جھالت ۽ ڌاڙيل راڄ ھجي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي حقن، تعليم، روزگار، زراعت، قومي وسيلن ۽ وحدت لاءِ قومي عوامي تحريڪ جو حصو ٿي ساٿ ڏين ۽ ڪرپشن، خراب حڪمراني کي شڪست ڏين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
سنڌ حڪومت
0 تبصرے