English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جا ماڻھو ڪرپٽ، استحصالي، عوام دشمن نظام کان تنگ ٿي چڪا آھن: اياز لطيف پليجو
20 views
|
09th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
چونڊون شفاف ٿين تہ عوام ڪرپٽ ماڻھن کي مڪمل رد ڪري ڇڏيندو: قومي عوامي تحريڪ جو صدر
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي حيدرآباد ۾ سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسہ عام جي ڪاميابي تي تي ڪارڪنن ۽ عوام کي مبارڪ باد ڏيندي چيو آھي ته سنڌ بدلجي رھي آھي، سنڌ جا ماڻھو ڪرپٽ، استحصالي، عوام دشمن نظام کان تنگ ٿي چڪا آھن. ھر ڀيري سنڌ جي اقتدار تي مينيج ڪري ڪرپٽ ماڻھن کي مصلت ڪيو وڃي ٿو. شفاف اليڪشن ڪرڻ نٿي ڏني وڃي. چونڊون شفاف ٿين تہ عوام ڪرپٽ ماڻھن کي مڪمل رد ڪري ڇڏيندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ زرداري کي صرف اقتدار گھرجي ۽ مال گھرجي. ھنن کي سنڌ، سنڌي ماڻھو، زراعت، تعليم، روزگار ۽ وسيلن سان ڪو بہ پيار ناھي. سنڌ دشمن سازشن خلاف ڪڏھن بہ خاموش نہ ويھنداسين. سنڌ خلاف سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي، اھڙين سمورين سازشن کي عوامي طاقت سان مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا وسيلا لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي 15 سالن کان سنڌ تي مڙهيو ويو، پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ خلاف فيصلا ڪيا،قومي اسيمبلي ۾ نوان صوبا ٺاھڻ بابت ڪميٽي ٺاھي پيپلزپارٽي پنهنجي گذريل پندرهن سالا اقتداري دور ۾ تيل، گيس، ڪوئلي، معدنيات ۽ سامونڊي پٽي جي دولت سان مالا مال کرب پتي سنڌ جي مظلوم عوام کي پنھنجو جائز حق ڏيڻ ۽ بدران پنڻ تي مجبور ڪيو، ڏھ ڪلو اٽي جي ٿيلهي لاءِ چوڪن تي شاھوڪار سنڌ جي ماڻهن کي ذليل ۽ خوار ڪيو سنڌين جي حقن، اميدن ۽ خوابن تي ڌاڙا ھنيا ۽ ويساھ گھاتي ڪئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ.پ.پ پنهنجي حڪومتي دور ۾ سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪا بہ قصر نہ ڇڏي آهي۔ وزيرن، مشيرن رڳو ڪرپشن ڪري پنھنجا گھر ڀريا آهن. ۽ سنڌ جي عوام کي سکڻا آسرا ڏئي رلايو آهي۔ گذريل پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت عوام جي خوشحالي لاءِ ڪي بہ اپاءَ نہ ورتا، موجود پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي برابري وارو جمھوري نظام گھرجي۔ آئين ۽ قانون جي بالادستي گھرجي، ڪرپٽ ماڻھن ۽ شخصيتن کي بي تاج بادشاھ ۽ طاقتور بنائڻ بدران نظام کي مضبوط بنايو وڃي۔ جنھن ۾ انصاف ھجي۔ جنھن ۾ ھاري ۽ مزدور خوشحال ھجي. سنڌ کي پنھنجي وسيلن تي مالڪي جو حق ھجي. تعليم، صحت ۽ روزگار ھجي،پاڪستان انصاف، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني کانسواء اڳتي نٿو وڌي سگھي ۽ ترقي نٿو ڪري سگھي۔ جمھوريت جي نالي ۾ اڻبرابري نہ ھلندي. جمھوريت جو مطلب برابري آھي. اقرباپروري، ڪرپشن ۽ آمريتون تباھي ۽ بربادي جو رستو آھن۔ دنيا جي سڌريل ملڪن آئين، انصاف، ميريٽ ۽ شفافيت جي رستي تي ھلي ترقي ڪئي آھي۔ شھباز شريف پنهنجي حڪومت دور ۾ عوام کي مھانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين ۽ آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي ھلڻ جي سزا ملڪ جو عوام ڀوڳي رھيو آھي ۽ اسين تيزي سان آئي ايم ايف ذريعي آمريڪا جي ڪالوني بنجي رھيا آھيون. پاڪستان جي معيشت ۽ خودمختياري کي شديد خطرو آھي. ملڪ کي ٻاھرين ڊڪٽيشن بدران آزاد ۽ مختيار پاليسين تحت ھلايو وڃي ھا تہ اڄ اسين سڌريل ملڪن جي صف ۾ ھجون ھا. بدقسمتي سان اسان جي حڪمرانن سدائين ٻاھريان دٻاء قبول ڪري ٻين ملڪن جي مفادن واريون پاليسيون اختيار ڪيون آھن. آمريڪا، روس، سعودي يا چين کي سڀ کان پھرين پنھنجا مفاد عزيز آھن. اسان کي بہ سڀ کان پھرين پنھنجي خودمختياري، پنھنجا مفاد، پنھنجا ماڻھو ۽ انھن جي خوشحالي، پنھنجي معيشت عزيز ھجڻ گھرجي ھا پر افسوس جو حڪمرانن ٻاھرين ڊڪٽيشنز تي ھلي ملڪ کي غلام بنائي ڇڏيو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پنھنجو سمنڊ، درياھ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود اسان جو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي۔ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي وئي آھي۔ ملڪ ائين اڳتي نہ وڌندا آھن، حڪمران آزاد خودمختيار ۽ عوام دوست معاشي پاليسيون جوڙين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ جيان ملير به ثقافتي رنگ سان رڱجي ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ گوٺ ۾ مائي نياڻي درگاهه ڀرسان ندي مان اڻڄاتل شخص جي لاش هٿ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے