ٿرپارڪر ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جو منصوبو 11 سال گذرڻ باوجود رولڙي جو شڪار

منصوبي جي لاڳت 2016 ۾ وڌائي 992.886 ملين ڪرڻ باوجود ڪاليج وارو منصوبو ٿر واسين لاءِ خواب بڻيل

ٿرپارڪر ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جو منصوبو 11 سال گذرڻ باوجود رولڙي جو شڪار

مٺي (جي آر جوڻيجو ) ٿرپارڪر ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جو منصوبو 11 سال بعد به مڪمل نه ٿي سگهيو آھي 2012 ۾ 49 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان منصوبو شروع ڪيو ويو هو جنهن کي بعد ۾ وڌائي 2016 ۾ انهي جي رقم 992.886 ملین ڪئي وئي پر انهي جي باوجود به ڪاليج جو خواب ٿر واسين لاء خواب ئي رهيو هن جو مقصد معياري ڪيڊٽ تعليم ڏيڻ هو پر منصوبو ايجوڪيشن ورڪس جي ملي ڀڳت ۽ ٺيڪيدار ۽ ڪنسلٽنٽ جي جهيڙي سبب مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ اڌ ۾ رهجي ويو جنهن بعد ڪمپني نالي ماتر جڳاڙي ڪم ڪرائي ٺيڪي مان هٿ ڪڍي وئي آھي جنهن سبب ٿر لاءِ آيل ڪروڙين جو ميگا منصوبو اڌورو پيل آھي 11 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيندڙ منصوبو آھي 89 ايڪڙ تي مشتمل آھي هن ڪاليج ۾ 300 ڪيڊٽس جي داخلا ٿيڻي هئي پر ٺيڪيدار ۽ ڪنسلٽنٽ جي جهيڙي سبب منصوبي جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو ۽ ھاڻي نئين پروسيس بعد ئي ڪم شروع ڪيو ويندو سال 2022 ۾ سماجي ورڪر اڪبر درس پاران منصوبي متعلق درخواست وزيراعظم پورٽل تي پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ڇيف انجنيئر پاران انڪشاف ڪيو ويو ته ڪنسلٽنٽ ۽ ٺيڪيدار جي جهيڙي سبب ڪم بند ڪيو ويو آھي. ٿرپارڪر جي شاگرد ڌرين پاران ڪيڊٽ ڪاليج جو اهم منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي وڃڻ تي ڏک جو اظھار ڪندي نگران حڪومت کان منصوبي جي جاچ ڪئي وڃي ۽ ٿيل ڪرپشن ۾ ملوث عملي ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.