ڀان سيد آباد: ٻوڏ کي سال پورو ٿيڻ باوجود منڇر ڍنڍ جي بندن جي مرمت مڪمل نه ٿي سگهي

ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان آبپاشي کاتي طرفان بندن جي ٻيهر بحاليءَ وارو ڪم هڪ سال کان سست رفتاريءَ جو شڪار

ڀان سيد آباد: ٻوڏ کي سال پورو ٿيڻ باوجود منڇر ڍنڍ جي بندن جي مرمت مڪمل نه ٿي سگهي

ڀان سيد آباد: ٻوڏ کي هڪ سال پورو ٿيڻ باوجود منڇر ڍنڍ جي بندن جي مرمت مڪمل نه ٿي سگهي، ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان آبپاشي کاتي طرفان بندن جي ٻيهر بحاليءَ وارو ڪم هڪ سال کان سست رفتاريءَ جو شڪار آهي، منڇر ڍنڍ جي آر ڊي هڪ کان آر ڊي 100تائين بند جي مختلف حصن تي پٿرن جي پچنگ ۽ مٽيءَ جو ڪم مڪمل نه ٿيو، علائقي واسين موجب آر ڊي 60 بوبڪ بند کان آر ڊي 66 تائين منڇر ڍنڍ جي بند تي نالي ماتر ڪم به نه ٿي سگهيو، زيرو پوائنٽ وٽان منڇر ڍنڍ جي بند جي صورتحال ڪمزور، ناقص مٽيءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته منڇر ڍنڍ جي بندن تي پٿرن جي پچنگ ۾ پراڻا پٿر وجهي ٺيڪيدارن پاران ڪوڙا بل ٺاهيا ويا آهن، دانستر واهه جا 2 نوان گيٽ لڳائي دانستر واهه جي ريماڊلنگ بنا دانستر واهه ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو، پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ غلام مصطفيٰ ميراڻي جو چوڻ آهي ته دانستر واهه جي بندن کي پٿرن جي پچنگ به نه ڪئي وئي، ڍنڍ جي آر ڊي هڪ کان آر ڊي100تائين بند ۾ ناقص مٽي وجهي پراڻا پٿر استعمال ڪيا ويا آهن، دانستر واهه جي ريماڊلنگ ۾ گهوٻيون ٿيون آهن، انڪوائري ٿيڻ گهرجي.