جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

نوابشاھھ جي سي آئي اي پوليس ماڙي جلباڻي واقعي جو ڪيس مقتولن جي مائٽن تي داخل ڪرائي ڇڏيو

سنڌي خبرون 02nd Oct 2023 283 مناظر

ڳوٺاڻن پنھنجن ئي مائٽن جي فائرنگ ۾ مارجي ويا: سي آءِ اي انچارج مقصود مڱڻھار جو موقف

سڪرنڊ: سي آءِ اي پوليس نوابشاهه ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل 4 ڳوٺاڻن جي مائٽن خلاف ئي قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ورتو، سي آءِ اي انچارج مقصود مڱڻهار جي فرياد تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته واقعي واري ڏينهن اطلاع مليو ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ لياقت ولد شهمير جلباڻي پاڻ وٽ ڌماڪيدار مادو رکيو ويٺو آهي، هو پاڻ وٽ پابندي مڙهيل تنظيم جا ماڻهو رهائي ويٺو آهي، هو دهشتگردي جو ڪو منصوبو جوڙي رهيا هئا، پوليس ۽ رينجرز لياقت جي گهر جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي ته ڳوٺ جي 2 سئو کان اڍائي سئو ماڻهن هنگامو ڪندي اسان جو گهيراءُ ڪيو، ماڻهن جي اڳواڻي رجب ولد محمد خان جلباڻي ۽ حريف عرف ڍولي جلباڻي ڪري رهيا هئا، هنن ۽ ڳوٺاڻن جي هٿن ۾ ڪلاشن ڪوفون، لوهي سريا ۽ لٺيون هيون، ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪندڙن تي لٺبازي ڪري ٻاهر نڪتاسين ته جوابدارن رينجرز جي گاڏين تان جوانن کي لاهي پڪڙي ورتو، رينجرز پاران جوانن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان دوران ڇت تي بيٺل غلام رسول ولد رجب، موريو ولد متاريو، منير ولد سڌير جلباڻي ۽ 2 اڻڄاتل جوابدارن ڪلاشن ڪوف جا سڌا برسٽ هلايا، هنن جون فائر ڪيل گوليون هيٺ گهٽيءَ ۾ بيٺل سندن پنهنجن ئي ماڻهن کي لڳيون، اتي بيٺل ماڻهن ڌڪ هڻي رينجرز جي جوانن کي زخمي ڪيو، رينجرز جي جوانن ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، هڪ گولي اتي بيٺل هڪ مڙس کي لڳي، رينجرز جي زخمي ٿيل انسپيڪٽر محمد آصف، حوالدار عبدالرشيد، سپاهي محمد اويس اصغر ۽ محمد نعيم کي علاج لاءِ پي ايم سي ايڇ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، رينجرز اهلڪارن کي ڌڪ هڻي زخمي ڪندڙ اڻڄاتل ماڻهن کي ڏسي انهن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ