English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ۾ اٽي جي مد ۾ 77 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي: راشد محمود سومرو
178 views
|
02nd Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جا وسيلا ، جزيرا سنڌ جون زمينون ، ڪارونجھر تائين پ پ پ جي 15 سالا دور حڪومت ۾ کپايو ويو
ميھڙ: جي يو آء سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ميھڙ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته سنڌ ۾ اٽي جي مد ۾ 77 ارب روپين جي ڪرپشن ، صحت کاتي جي 250 ارب بجيٽ جي باوجود اسپتالن ۾ اعلاج ميسر ناھي ، 58 ارب تعليم جي بجيٽ ھوندي 70 لک ٻار تعليم کان محروم آھن سنڌ جا ٻيٽ ، سنڌ جا وسيلا ، جزيرا سنڌ جون زمينون ، ڪارونجھر تائين پ پ پ جي 15 سالا دور حڪومت ۾ کپايون ويون ڄڻ اھا حڪمرانن جي اباڻي جاگير ھجي ان سڀني مسئلن جي حل لاء 22 آڪٽومبر کان 2 نومبر تائين احتجاجي مارچ ڪري رھيا آھيون ميھڙ سميت سموري سنڌ جا ماڻھو ھن ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ھن چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت ملڪ بچائڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪيو پنھنجي سياست داء تي لڳائي ملڪ کي ڊفالٽ ڪرڻ کان بچايو جنھن جو نتيجو ھن وقت ڊالر ۽ تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي آئي آھي عمران حڪومت آء ايم ايف سان غلط معاھدو ڪيو ملڪ جو اقتدار اگر مذھبي اڳواڻن جي حوالي ڪيو وڃي ته بھتري ايندي 74 سالن ۾ ملڪ جو اقتدار مولوين وٽ ناھي رھيو مولوين تي ڪوبہ ڪرپشن جو ڪيس ناھي ، نيب زاده ناھن نه ئي وري ڪنھن آعلي عھدي تي رھيا آھن عوام ووٽ ذريعي تبديلي آڻي ملڪ ۾ مذھبي تنظيمن کي ٽارگيٽ ان ڪري ڪيو پيو وڃي جو مذھبي جماعتون جمھوريت جي ڳالھ پيون ڪن ملڪ اندر تبديلي آئين ذريعي چاھن ٿيون ملڪ ۾ ڪجھ ٽولا بندوق جي زور تي پنھنجون ڳالھيون مڃرائڻ چاھين ٿا انھن جي رستي ۾ اسان رڪاوٽ آھيون اھي بم ڌماڪا ۽ حملا اسان کي روڪي نه ٿيون سگھن ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته سنڌ ۾ پ پ پ مخالفن جو ھڪ گڏيل اتحاد ٿيندو جنھن ۾ مذھبي قومپرست ۽ سمورن پ پ پ مخالفن جماعتن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويندو جنھن علائقي ۾ جنھن جماعت جو وڌيڪ ووٽ ھوندو اھا سيٽ ان جماعت کي ڏني ويندي جنھن ۾ اسان ايم ڪيو ايم کي الڳ صوبي جي مطالبي تان دستبردار ڪيو آھي ٻيو ته ھاڻي ايم ڪيو ايم رڳو ڪراچي نه پر سموري سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿاريندي ڪراچي ۽ اندروني سنڌ جا مسئلا ساڳيا آھن ته پوء سنڌ ڪارڊ ، مھاجر ڪارڊ ، قوميت جي بنياد تي ڪيترو قوم کي تقسيم ڪنداسين اسان جو سنڌ قوميت ، مذھبي .لساني ، قبائلي بنيادن تي وڌيڪ جھيڙن جو سبب نه ٿو ٿي سگھي مون ايم ڪيو ايم کي ھڪ سنڌ رھندي ۽ ڳالھ ٿيندي متفق ڪيو آھي ان کان اڳ راشد محمود سومرو ميھڙ ۾ مولانا مسعود پنھور ، مولانا عبدالله چانڊيو ، اظھار الحق صديقي ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي عوام کي ٿيندڙ احتجاجي مارچ ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي جڏھن ته ميھڙ ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان ملاقات ڪري ٿيندڙ احتجاجي مارچ م شرڪت جي اپيل پڻ ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميهڙ
راشد محمود سومرو
Rashid mahmood soomro
JUI
0 تبصرے