ٽلٽي شھر ۾ شيخ المشائخ مخدوم سندو قريشي جو ساليانو عرس مبارڪ ملھايو ويو

عرس پير آف لواري شريف قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي جي سرپرستي ۾ ملھايو ويو

ٽلٽي شھر ۾ شيخ المشائخ مخدوم سندو قريشي جو ساليانو عرس مبارڪ ملھايو ويو

بدين (رپورٽر) ٽلٽي شهر ۾ حضرت شيخ المشائخ مخدوم سندو قريشي جو ساليانو عرس مبارڪ پير آف لواري شريف حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن جي نظرِ ڪرم و سرپرستي هيٺ نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو. درگاھ مخدوم سندو قريشي جي عرس مبارڪ سيد نور محمد شاھ سيتائي جي نگراني ۾ منعقد ڪيو ويو. پهريائين قرآن خواني ڪرائي وئي جنھن بعد عرس جي تقريب جو باقاعدہ آغاز ڪيو ويو، عرس جي تقريب ۾ جماعت لواري شريف جي مريدن، عقيدتمندن ۽ ڳوٺ وارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي مولانا محمد ابراھيم خليلي خطيب درگاھ مخدوم شهيد بلاول، خطاب ڪرڻ فرمايو. هن پروگرام ۾ درگاھ فضل الاھي پاٽ شريف جو سجادھ نشين مخدوم اظھار الحق صديقي، پير آف لواري شريف جي مينيجر سرائي الهرکيو جتوئي، پروفيسر سائين بخش جوڻيجو قبولائي، ڊاڪٽر ايم ايس منگي، غلام نبي ڪيريو، قادر بخش بگٽي، سميع الله جوڻيجو شريڪ ٿيا ۽ هن تقريب کي خطاب ڪندي عالم سڳورن جو چوڻ ھو ته مخدوم سندو قريشي حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره جن جي خليفي اعظم حضرت قاضي احمد دمائي رح جن جا جدامجد آهن، سندن ڪيتريون ئي ڪرامتون مشھور آھن، ھنن چيو ته درگاھ لواري شريف برصغير ۾ نقشبندي سلسلي جي وڏي درگاھ آھي جنھن جو فيض پوري دنيا ۾ مشھور آھي. تقريب ۾ مشهور نعت خوانن نعت شريف پيش ڪيون، جن ۾ خاص طور سنڌ جو مشهور نعت خوان مدد علي ميتلو، رستم فقير گاڏهي، الله بخش منگي، غلام شبير گاڏھي ۽ الهجڙيو لغاري ۽ ٻين پڻ هديه نعت پيش ڪيون آخر ۾ دعا شريف بعد ننگر پڻ تقسيم ڪيو ويو .