ميرپورخاص ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

غلام محي الدين ميئو ۽ لائبھ راجپوت پرڻو ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)ميرپورخاص ۾ پريمي جوڙي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو۔ميرپورخاص جي علائقي ڀٽائي ٽاؤن سيال ڪالوني واسي 20سالن جي غلام محي الدين ولد محمد هاشم ميئو راجپوت 20 سالن جي لائيبا بنت محمد علي ميئوراجپوت رهندڙ ٽنڊوالهيار خواجه اسٽاپ واسي لائيبه راجپوت سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو۔ جنهن موقعي تي پريمي جوڙي جو چوڻ ھو ته سندس مائٽن پاران جان کي خطرو آھي اهڙو بيان هنن ميڊيا سان گلهائيندي ڪيو ان موقعي تي لائيبه صحافين کي ٻڌايو ته اسان ٻنهي پنهنجي مرضي مطابق رضا خوشي سان پسند جي شادي ڪئي آھي جڏهن ته منهجا مائيٽ موکي ٻي هنڌ پرڙائڻ ٿي چاهيو اسان ڪنهن جي دٻاؤ ۾ نه آھيون پنهنجو بيان رضا ۽ مرضي مطابق ڏئي رهيا آھيون جيڪو ريڪارڊ تي رکيو وڃي جو وقت سر ڪم اچي سگهي ۔ پريمي جوڙي ميرپورخاص ضلع انتظاميه کان مطالبو ڪندي چيو آھي تحفظ فراهم ڪيو وڃي لائيبا جي ماٽن پاران جانين کي خطرو آھي۔