English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
فنانس ڊپارٽمينٽ پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ کلي ڪچهري منعقد
221 views
|
27th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سرڪاري ملازمن جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي: ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري
شڪارپور (احسان ابڙو)فنانس ڊپارٽمينٽ پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ کلي ڪچهري منعقد سرڪاري ملازمن جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري، تفصيل موجب فنانس ڊپارٽمينٽ پاران سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ ٻين مسئلن کي ٻڌڻ ۽ ان جي فوري حل لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري غلام علي سومرو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ، ڊي آءِ جي ٽريزري اقبال احمد شيخ اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جرنل سنڌ آغا شهريار خان، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر شڪارپور سجاد احمد شيخ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر شڪارپور ربنواز سانڊاڻو، اڪائونٽس آفيسر مظهر حسين ۽ ٻيا متعلقه عملدار پڻ موجود هئا. کليل ڪچهريءَ سان ڳالهائيندي ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري غلام علي سومرو چيو ته فنانس ڊپارٽمينٽ جي طرفان سرڪاري ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ کليل ڪچهريون منعقد ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته خصوصن پينشنرن جا مسئلا آهن انهن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري چيو ته اڄ اسان هتي تقريبن چاليهن رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن جا مسئلا ٻڌا آهن جن ۾ ايڊيوڪيشن، ايگريڪلچر، پوليس، روينيو، سوشل ويلفيئر ۽ ٻين ادارن جا ملازم شامل آهن، انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
شوبز
ملی الکاک کی سپر ہیرو فلم مشکلات کا شکار
01st Jul 2026
•
شوبز
ایملی بلنٹ کی نئی فلم نے شاندار آغاز کر دیا
01st Jul 2026
•
شوبز
کائلی جینر کا منفرد لباس ایک بار پھر موضوعِ بحث
01st Jul 2026
•
شوبز
انجلینا جولی نے ذاتی زندگی پر خاموشی توڑ دی
01st Jul 2026
•
شوبز
ملی الکاک کی سپر ہیرو فلم مشکلات کا شکار
01st Jul 2026
•
شوبز
ایملی بلنٹ کی نئی فلم نے شاندار آغاز کر دیا
01st Jul 2026
•
شوبز
کائلی جینر کا منفرد لباس ایک بار پھر موضوعِ بحث
01st Jul 2026
•
شوبز
انجلینا جولی نے ذاتی زندگی پر خاموشی توڑ دی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
ڊپٽي ڪمشنر
فنانس ڊپارٽمينٽ
کلي ڪچهري
0 تبصرے