جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

سڪرنڊ: 4مقتولن جي وارثن سان تعزيت جاري، هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن پاران مفت ۾ ڪيس وڙهڻ جو اعلان

سنڌي خبرون 01st Oct 2023 197 مناظر

هن وقت تائين علائقي جي اڳوڻن چونڊيل نمائندن مان ڪو به سندن لڙي نه آيو

سڪرنڊ؛ ٽي ڏينهن اڳ سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرس پاران فائرنگ ڪري 4 ڳوٺاڻن سجاول نظام الدين امام بخش ميھار کي شهيد ڪيو
جڏھن زخمين ۾ لياقت الھ داد امام الدين سارنگ کي زخمي ڪرڻ واري واقعي بعد علائقي جو ماحول سوڳوار آهي.
سندس گهرن ۾ ماتم برپا آهي. يتيم ٻار پنهنجي والدين کي ياد ڪري لک لاڙي رهيا آهن.
جڏهن هن وقت تائين علائقي جي اڳوڻن چونڊيل نمائندن مان ڪو به سندن لڙي نه آيو آهي .
جڏهن ته علائقي جا سياسي سماجي اڳواڻ تڏي پهچي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪري رهيا آهن.
پ پ تعلقي سڪرنڊ جي اڳواڻ امتياز علي راھو ھاء ڪورٽ جي وڪيل نصر الله جلباڻي ايڊوڪيٽ امجد علي جلباڻي ايڊوڪيٽ صدام حسين جلباڻي ايڊوڪيٽ گل زرين جلباڻي تڏي تي پھچي وارثن سان ھمدردي جو اظھار ڪندي چيو آهي ته اسان ھنن شھيدن جا مفت ڪيس وڙھنداسين
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ