جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

سڪرنڊ ويجھو پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن جي چڙھائي، مزاحمت تي 4 ڳوٺاڻا قتل، ڪيترائي زخمي

سنڌي خبرون 28th Sep 2023 292 مناظر

سڌي فائرنگ ڪري 4 ڄڻن کي قتل ۽ عورتن سميت ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي زخمي ڪيو ويو: ڳوٺاڻا

سڪرنڊ: ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ حساس ادارن پاران ڪاروائي ڪري گھرن ۾ گھڙي تلاشي وٺڻ دوران مزاحمت تي حساس ادارن جي اھلڪارن فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ چار ڳڀرو جوان مارجي ويا، ۽ عورتن سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا، مقتولن ۾ سجاول، اڪن، ميھار ۽ نظام الدين جلباڻي شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ امام الدين الھداد سارنگ علي نواز جلباڻي ۽ ٻيا شامل آهن،
ٻن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، چئني لاشن کي سڪرنڊ نيشنل ھاء وي تي رکي ڌرڻو ھنيو ويو آهي روڍ ٻئي پاسا بند ھئڻ سبب سوين گاڏيون بيھجي ويو
ان موقعي تي مٺل جلباڻي گل جلباڻي چيو ته اسان جي نوجوانن کي بيگناھ حساس اڌارن ۽ پوليس وارن شھيد ڪيو آهي ھارپو ۽ مزدوري ڪندڙن کي قتل ڪيو ويو آهي
ھنن احتجاج ڪندي سخت مطالبو ڪندي چيو آهي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتاري ڪيو وڃي ۽ انهن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي نه اسان لاش دفن نه ڪنداسين نه وري روڊ کولينداسين
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ