English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران مهنگائي خلاف احتجاجي مظاهرو
views
|
24th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
امير افضل عطا ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
ڪشمور (ڊ ر) ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران مهنگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي جماعت اسلامي ڪشمور جي امير افضل عطا ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ جماعت اسلامي ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي جامع مسجد کان نادرا چوڪ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن چيو ته رڌ پچاءَ جي شين اٽو کنڊ گيھ زرعي زمين جي کاڌ ٻج ڀاڻ ۽ بجلي گئس جا ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهيل اگهه ۽ گاڏين جا ڪرايا گھٽائڻ جو مطالبو ڪيو ان موقعي تي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪشمور جي اڳواڻن افضل عطا ڪلوڙ ، ڊالفقار علي ملڪ. منظور احمد چاچڙ ،وزير احمد چنہ.نياز حسين چنا. زيبر منگي. رحيم بخش سولنگي، برڪت گل جکراڻي ۽ ٻين چيو ته گذريل حڪومت جيان موجودا نگران حڪومت به نااهل آهي نگران حڪومت اقتدار ۾ اچڻ سان ئي عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو اٽو بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو آهي اٽي جون قيمتون آسمان تي پهچائي عوام کي خودڪشي تي مجبور ڪيو ويو آھي مھانگائي جي چڪي ۾ پيسيل عوام کي رليف ڏيڻ بدران عام واهپي جي شين ۾ اضافو ڪري عوام جي وڌيڪ مشڪلات ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي پي ڊي ايم جون عوام کي رليف ڏيڻ جون دعوائون ڪوڙيون ته ثابت ٿيون پر هاڻ نئي اقتدار تي ويهندڙ نگران حڪومت به غريب عوام کي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ جي صورت ۾ خبردار ڪيو آهي ته حڪومت ۾ ڪير به اچي ان جي ترجيحات ۾ غريب شامل نه آھن نگران حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ عوام دشمن پاليسي اختيار ڪري مايوس ڪيو ويو آهي حالانڪه نگران حڪومت جو ڪم صرف صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ آهي اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته گذريل 70 سالن کان وٺي عوام کي بيوقوف ڪندڙ پارٽين ته عوام کي ڏک تڪليف مهنگائي ۽ مايوسي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو پر ھاڻي نگران حڪومت به گذريل حڪومتن جي طرز تي عمل پيرا آهي جماعت اسلامي پيٽرول جي وڌندڙ اگهن کي مسترد ڪندي نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اٽو واپرائڻ جي شين جا وڌيل ريٽ فلفور گھٽ ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Aug 2025
•
سندھ
سندھ میں مہنگائی کا سبب کرپشن اور ناقص گورننس ہے، نظام وقیادت کی تبدیلی ناگزیرہے، اسد اللہ بھٹو ایڈوکیٹ
18th Aug 2025
•
سندھ
عہد کریں ،علم کی روشنی کو عام کرینگے، سید امتیاز الحق بخاری
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: سيشن ڪورٽ ۾ پيشي تي آيل قيدي هٿڪڙين سوڌو ڪورٽ مان فرار، 2 اهلڪار گرفتار
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ نڪتل آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو قافلو نوشهروفيروز پهتو
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ گسٽا سنڌ ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گسٽا، پ ٽ الف ۽ بين استاد تنظيمن جي سڏ تي مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
kashmore
jamait islami
ڪشمور
جماعت اسلامي
0 تبصرے