سجاول کاري پاڻي ۾ مڇي جي بچاء ۽ تمر جا وڻ سمنڊ جي ڪناري لڳائڻ بابت سيمينار

هي ڪوسٽل ايريا ڪوسٽل بيلٽ آهي هتي جي 70 فيصد آبادي مڇي تي هلي ٿي: پروفيسر مختيار مهر

سجاول کاري پاڻي ۾ مڇي جي بچاء ۽ تمر جا وڻ سمنڊ جي ڪناري لڳائڻ بابت سيمينار

سجاول (رپورٽر)سجاول لڳ ڪوسٽل ايريا تي ميرين ريسرج ليبارٽري پاران کاري پاڻي جي مڇي جي بچاء ۽ تمر جي وڻ سمنڊ جي ڪناري لڳائڻ لا ميرن ريسرج پاران هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو ان موقعي تي ميرين ريسرج ليبارٽري جو پروفيسر مختيار مهر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هي ڪوسٽل ايريا ڪوسٽل بيلٽ آهي هتي جي 70 فيصد آبادي مڇي تي هلي ٿي اسان هنن کي مڇي, سانو پالڻ جي سکيا ڏئي رهيا آهيون هي ڪارٽيج ايگريڪلچر ۾ ممڪن آهي ته هي پنهنجي گهر جي ڀرسان ننڍي سائز جا تلاء ٺاهي کيکڙا يا ننڍي سائز جي مڇي وٺي پالي سگهن ٿا انهي مڇي کي صحيح طريقي سان سار سنڀال ڪن ته هو 30 کان 60 ڏينهن ۾ 500 گرام جي ٿي ويندي اها مڇي اگر هي مارڪيٽ موڪليندا ته هنن جي روزگار جو بهترين ذريعو پيدا ٿي ويندو انهي گريب ڪلچر, فٽننگ,فش ڪلچر ڊولٽمينٽ ۾ اسان جا عدنان پيزادو, دانيال سميت ٻيا ڪافي ايڪسپرٽ ريسريج پروجيڪٽ ۾ اسان سان ڪم ڪري رهيا آهن انهي جي تجربي سان گڏ هي ڪوسٽل بيلٽ تي اسان ٽريننگ جو سلسلو شروع ڪيو آهي جيڪو 3 کان 7 ڏينهن ۽ 15 ڏينهن تائين سکيا ڏينداسين انهي سکيا سان انهن ماڻهن کي ضرور فائدو ٿيندو