English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ بجلي چوري روڪڻ لاءِ ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس
163 views
|
15th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
هي هڪ قومي مهم آهي ان ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان
ٺٽو (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس منقعد ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي آفتاب نظاماڻي، ايڪسين حيسڪو فريدالدين ۽ ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هي هڪ قومي مهم آهي ان ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ڇو ته بجلي چوري جهڙي سنگين ڏوهه جو نقصان بل ادا ڪندڙ عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيسڪو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو بجلي چوري کي روڪڻ ۽ ڪنڊا ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ لاءِ جٽادار حڪمت عملي جوڙي ڪنيڪشن ڪٽيا وڃن ۽ ان حوالي سان سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ضلعي مان بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪري لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه ان سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. هن ضلعي جي عوام کي خبردار ڪيو آھي ته هو ڪنڊا ڪلچر ۽ بجلي چوري کان پاسو ڪن ۽ ذميوار شهري هجڻ جي حيثيت سان قانوني طريقي سان بجلي استعمال ڪن ته جيئن بجلي چوري جو خاتمو آڻي ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. ان موقعي تي ايس ايس پي آفتاب نظاماڻي چيو ته ضلعي پوليس بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ واپڊا اٿارٽي سان مڪمل تعاون ڪندي. ان موقعي تي ايڪسين حيسڪو فريدالدين ٻڌايو ته ضلعي ۾ هن وقت تائين بجلي چورن خلاف 3 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن جڏهن ته بجلي چوري کي روڪڻ ۽ ڪنڊا ڪلچر جي نشاندهي ڪري مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ضلعي ۾ بجلي جا بل ادا نه ڪندڙن کان هن وقت تائين اٽڪل ھڪ ڪروڙ 80 لک روپين جي وصولي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي بجلي جي ممڪنہ چوري جي روڪٿام بابت هڪ جامع پلان جوڙڻ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جو تفصيلي جائزو پڻ ورتو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Thatto
DC
Asad ALi khan
0 تبصرے