دادو ۾ ڊي سي فياض حسين راھوجو جي صدارت ھيٺ پوليو جي انتظامن بابت اجلاس

ضلعي مان پوليو جهڙي خطرناڪ موذي مرض جي خاتمي لاء اسان سڀني کي صحت کاتي سان سهڪار ڪرڻ گهرجي: ڊي سي

دادو ۾ ڊي سي فياض حسين راھوجو جي صدارت ھيٺ پوليو جي انتظامن بابت اجلاس

دادو (رپورٽر)دادوضلعي مان پوليو جهڙي خطرناڪ موذي مرض جي خاتمي لاء اسان سڀني کي صحت کاتي سان سهڪار ڪرڻ گهرجي اهوقومي فرض آهي ته اسان جا هڪ ڏينهن جي ڄاول ٻار کان 5 سالن جي گلن جيان مصوم ٻارڙن کي پوليوجهڙي خطرناڪ موذي مرض کان بچائي سگهون صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ، ٽيڪينڪل اسٽاف ۽ هيلٿ ورڪرن کي گهرجي ته هرڪوپنهنجي اسپتالن ، صحت مرڪزن ۽ يوسي ۾ مقرر ٿيل علائقن ۾ ڪم ڪري اهڙواظهار ڊپٽي ڪمشنر دادوفياض حسين راهوجو دربار هال دادو ۾ هڪ اعلي سطحي ضلعي پوليوڪميٽي اجلاس جي صدار ت ڪندي ڪيو اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ن تعلقه هيلٿ ٻين صحت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي اجلاس کي مخاطب ٿيندي ڊپٽي ڪمشنردادوچيوته هڪ ڏينهن جي ٻار کان 5 سالن وارن عمر جي ٻارڙن کي پوليوجا ڦڙا پيارڻ واري ڪم کي يقيني بنائڻ لاء ايندڙ پوليومهم دوران دادو ضلعي ۾ ٻارڙن کي پوليو جي بچاء کان ڦڙا پياري سڄي عمر معذور ٿيڻ کان بچا ئي سگهجي ٿوان ڪم کي يقيني بنائڻ لاء مائيڪرو پلان تحت ڪم ڪيوويندو اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو سڀني شرڪت ڪندڙ آفيسرن کي هدايت ڪندي چيوته پوليو مهم دوران ضلعي انتظاميه۽ ٻين کاتن جو صحت کاتي سان هرممڪن سهڪار ڪن ته جئين پوليومهم کي ڪامياب ٿئي ۽ روينيو عملدارن کي سختي سان هد ا يت ڪئي ته هو يوسي سيڪريٽرين سان گڏجي پوليو مهم دوران اوچتا دورا ڪن ۽ ڦڙن پيارڻ واري ٽيمن جي ڪم جي نگراني ڪن ۽ روزانو ڪارگردگي جي رپورٽ ڏين ۽ ڦڙن پيارڻ وارين ٽيمن کي ويڪسين ۽ انهن کي پوري ضلعي ۾ پهچا ئڻ جا ۽ انهن جي لاء حساس علائقن ۾ سيڪورٽي جا مڪمل انتظام ڪيا وڃن جنهن به يوسي علائقن ۾ ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرن جي کوٽ آهي ان کي فوري طور تي کوٽ کي پوروڪيو وڃي انهن کان ڪم ورتووڃي ملازم ڪيترو به با اثر ڇونه هجي انهن کي ڊيوٽي ڪرڻي پوندي هن پوليو جي ڪم۾ ڪنهن سان به رعايت نه ڪبي ڪوتاهي ۽ غفلت ڪندڙن خلاف سخت قانوني قدم کنيو ويندو ڊاڪٽرن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن کان ڦڙن پيارڻ واري ڪم کي يقيني بنايو وڃي هن وڌيڪ چيوته دادو سميت چئن تعلقن ۾ پوليو مهم دوران روينيوجا آفيسر ، يوسي سيڪريٽري جو عملو صبع کان شام تائين ڦڙن پيارڻ وارين ٽيمن سان رابطي ۾ هوندا آهيون ۽ سندن جائز مسئلن کي اوليت جي بنيادن تي حل ڪيو ويندو آهي ته جئين پوليو مهم کي ڪامياب ٿئي