ڪراچي ۾ ٽي تلوار وٽ ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو

ڌرڻي ۾ ذوالفقار جونيئر، شيما ڪرماڻي، ساگر ڪمار جي امڙ، سياسي سماجي توڙي سول سوسائٽي جا اڳواڻ وڏي انگ ۾ شريڪ

ڪراچي ۾ ٽي تلوار وٽ ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو

ڪراچي ۾ سنڌ جي مختلف شھرن مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار، پريا ڪماري، ڪوثر کوسو ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاء ٽي تلوار تي سول سوسائٽي پاران ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن ۾ مغوي ساگر ڪمار جي والدين، ذوالفقار جونيئر ـ شيما ڪرماڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاھرين پاران ساگر ڪمار ـ پريا ڪماري ـ نازيا کوسو ۽ ٻين جي بازيابي لاء نعريبازي پڻ ڪئي وئي، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ گھرو وزير جي ڪيل واعدن ڀاوجود مغوي بازياب ناھن ٿيا ـ ڌرڻي کي خطاب ڪندي ذوالفقار جونيئر جو چوڻ ھو تھ ڪراچي: اسين سنڌ جا رھواسي سڀ ھڪ آھيون ـ اسانجو درياء اسانجي ڌرتي ساڳي آھي ھتان اغوا ٿيل سڀ اسانجا آھن ـ فوري طور بازياب ڪرايو ـ ساگر ڪمار جي والدھ جو چوڻ ھو تھ گھرو کاتي جي وزير مان اميد کڻي ھتي آئي آھيان ـ پٽ جي واپسي کاننسوءِ واپس نھ وينديس، ساگر ماني کائڻ لاء ھوٽل تي ويو ھو جيڪو اغوا تي ويو ـ کيس بازياب ڪرايو ـ ان موقعي تي شيما ڪرماڻي بھ خطاب ڪندي چيو تھ جيستائين گھرو وزير نه ايندو ـ احتجاج جاري رھندو ـ