English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران قومپرست ڪارڪن ۽ ٽڪ ٽاڪر افضل لنڊ جي قتل جي مذمت
131 views
|
12th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
15سالن کان سنڌ ۾ خونن ۽ اغوائن خلاف سرڪار، اسيمبليون ۽ عدالتون خاموش آھن: پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي نوجوان افضل لنڊ جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ نوجوان افضل لنڊ جو قتل ظلم جي انتھا آھي. 15 سالن کان سنڌ ۾ خونن ۽ اغوائن خلاف سرڪار، اسيمبليون ۽ عدالتون خاموش آھن. ائين لڳي ٿو حڪمران سنڌ کي ملڪ جو حصو نٿا سمجھن، جنھنڪري سنڌ کي ڦرلٽ، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جي ڪالوني بنائي ويو آھي، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو پاڻ کي ايترو وڏو قانون ۽ آئين کان بالاتر سمجھي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻھو محفوظ ناھن ڪير بہ ڪيڏي مھل قتل يا اغوا ڪيو وڃي ٿو. پوليس جي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. مرضي جا ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز رکرائي پوليس کان قانون جي عملداري ڦري وئي آھي. جنھن ڪري سنڌ منشيات ۽ ھٿيارن جو دڪان بنجي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پورھيت، ھاري ۽ غريب ماڻھو انصاف کان محروم آھن، جنھن وٽ پئسو آھي اھو پوليس سميت ھر شئي خريد ڪري وٺي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق ۾ ايندڙ حڪومتون پنھنجن مفادن لاءِ سنڌ حڪومت کي اتحادي بنائي سنڌ جي عوام کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏين ٿيون. 15 سالن کان سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو آھي. وفاق کي سنڌ جا وسيلا گھرجن، سنڌ جو تيل گھرجي، گئس گھرجي، سنڌ جو پاڻي گھرجي، سنڌ جي دولت گھرجي پر سنڌ جا ماڻھو نه گھرجن، جنھن ڪري سنڌ ۾ ھٿ وٺي قبيلائي جھيڙا ڪرايا وڃن ٿا، ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آھي، جھالت ۽ لاقانونيت جي پکيڙيو ويو آھي. سنڌ ۾ حد کان وڌيڪ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
hyderabad
QAT
ayaz latif palijo
0 تبصرے