پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي شاھھ حسين شاھھ شيرازي ۽ ٻين جي صوفي شاھھ عنايت جي درگاھھ تي حاضري

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سيد نصير شاھھ شيرازي بھ موجود ھئا، درگاھھ تي چادر چاڙھي دعا گھري وئي

پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي شاھھ حسين شاھھ شيرازي ۽ ٻين جي صوفي شاھھ عنايت جي درگاھھ تي حاضري

سجاول (رپورٽر) جو کيڙي سو کاهي جو نعرو بلند ڪندڙ صوفي شاه عنايت شهيد جي درگاه تي حاضري شاندار استقبال گلن جي ورکا پ پ پ اڳوڻو ايم پي اي سيد شاه حسين شاه شيرازي پ پ پ اڳواڻ سيد نصير شاه شيرازي جي حاضري سنڌ جي ڌرتي امن جي ڌرتي آهي درگاهن تان درس ملي ٿو ،پ پ پ جون پاڙون مظبوط آهن مخالفن شڪست ملندي شيرازي ڀائرن جون خدمتون لڪيل ناهين جتي وڃون ٿا اتي عزت ملي ٿي خيالن جو اظهار پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سيد شاه حسين شاه شيرازي،پ پ پ اڳواڻ سيد نصير شاه شيرازي پ پ پ اڳواڻ سيد حاجي پاشا شاه شيرازي جون صحافين سان ڳالهيون ،ان سلسلي ۾ پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سيد شاه حسين شاه شيرازي پ پ پ اڳواڻ سيد نصير شاه شيرازي پ پ پ اڳواڻ سيد حاجي پاشا شاه شيرازي ميرپوربٺورو جي يوسي ڪنڊور ۾ ڏيٿا ۽ بروهي برادري جي سرزمين ڏسڻ کانپوء فيصلي جي مقرر تاريخ طئي ڪئي جنهن کانپوء ڳوٺ محمد حنيف ڏيٿو ۾ گلبهار ڏيٿو جي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي جتي سندس شاندار استقبال ڪرڻ کانپوء لونگين ۽ اجرڪن جا تعفا پيش ڪيا ويا ڳوٺ مولابخش ڏيٿو ۾ ڏنل چانهہ پارٽي ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ سيد شاه حسين شاه شيرازي سيد نصير شاه شيرازي سيد حاجي پاشا شاه شيرازي جو ميرپوربٺورو جي سينيئر صحافي شاھد سمون جي ڀيڻ جي وفات تي پڻ تعزيت ڪئي. ان بعد اڳوڻي ايم پي اي شاه حسين شاھ شيرازي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شيرازي ڀائر ضلعي جي عوام جي ڏکن ۽سکن جا ساٿي آهن باقي اسان جي خلاف واويلا ڪندڙن کي عوام چڱي طرح سڃاڻي ٿي.