خانپور ويجهو مبينا حملي ۾ زخمي ٿيل شخص دم ڏئي ڇڏيو

واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، پوليس ڪارروائي ڪندي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

خانپور ويجهو مبينا حملي ۾ زخمي ٿيل شخص دم ڏئي ڇڏيو

گمبٽ (رپورٽ زوھيب سمون) خانپور لڳ مبيا طور حملي ۾ فوت لاش اسپتال آندو ويو ڪيس داخل نه ٿيو پوليس جي چڙھائي 4 ڄڻا گرفتار جاچ هلندڙ رپورٽ موجب ته خانپور تعلقي جي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر پهوڙ مبينا طور هٿياربندن جي حملي ۾ نعيم الله پهوڙ زخمي ٿيو جنهن کي خانپور اسپتال آندو ويو ويو نازڪ حالت هجڻ ڪري سکر اسپتال نيو ويو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي جو لاش خانپور اسپتال آندو ويو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو۔ هوڏانهن فوتي جي وارثن عرفان پهوڙ ثنا الله پهوڙ جو چوڻ ھو ته اسان کي عبدالله پهوڙ جي پٽن اطلاع ڏنو ته اوهان جو ڀاء زخمي پيو آھي کڻي وڃونس اسان وياسي ته هن جي حالت خراب هئي لٺيون لڳل هيس جوابدار محمد صادق محمد پناه محمد بچل پهوڙ سميت ٻين اسان جي ڀاء کي لٺيون هڻي زخمي ڪري ويا هئا زخمي کي خانپور اسپتال کڻي آيا سي جتان سکر کڻائي وياسي جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت تي ويو آھي هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي پر اسان جي ڀاء کي مٿين ڄاڻايل جوابدارن بي دردي سان قتل ڪيو آھي