فاطمه ڦرڙو جهڙي ڪيس جو ورجاءُ, جيڪب آباد ۾ 5 ڏينهن اڳ فوت ٿيل 10 ورهين جي نينگري سان زيادتي انڪشاف

پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر نياڻي کي زيادتي بعد قتل جو شڪ ظاهر ڪيو: والد سھڻو کوسو

فاطمه ڦرڙو جهڙي ڪيس جو ورجاءُ, جيڪب آباد ۾ 5 ڏينهن اڳ فوت ٿيل 10 ورهين جي نينگري سان زيادتي انڪشاف

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ بھ فاطمه ڦرڙو جهڙي ڪيس جو ورجاءُ، 5 ڏينهن اڳ فوت ٿيل 10 ورهين جي نينگري سان زيادتي ٿيڻ جو انڪشاف، صدر ٿاڻي جي حد مسلم ڪالوني مان 5 ڏينهن اڳ حسينا کوسو جو لاش مليو هو، نينگري جي والد سھڻو کوسو جو چوڻ آھي تھ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر پاران حسينا سان زيادتي بعد قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي پوليس 5 ڏينهن تائين آسرن ۾ رهايو آهي واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو ميڊيڪل لاءِ ورتل جزا به نه موڪليا ويا، پوليس جو چوڻ آھي تھ اسان نينگري سان زيادتي جي شڪ ۾ نينگري جا ڪپڙا ۽ ڪاتن سواب ورتا آهن جيڪي سڀاڻي موڪليا ويندا