English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ، ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس چڙھائي خلاف احتجاجي ريلي
50 views
|
08th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي عوامي مرڪز جي سڏ تي شبير ڀٽي، ممتاز شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي تي ٿيندڙ پوليس ڪاروائي ۽ مظاھرين تي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ واري عمل توڙي معصوم پريا ڪماري سميت ٻيا مغوي بازياب نہ ٿيڻ خلاف قومي عوامي عوامي مرڪز جي سڏ تي ٺٽي ۾ قومي عوامي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر شبير ڀٽي، جنرل سيڪريٽري ممتاز شيخ، صاحب ڏنو سمون، سماجي اڳواڻن جمشيد قريشي، گلاب رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر ٺٽو کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽي اڳيان پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاج ۾ شامل ڪارڪن سنڌ ۾ سرداري نظام ۽ اغوا انڊسٽري خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ھڪ سازش تحت سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي ھٿي ڏني پئي وڃي، سڄي سنڌ ۾ بربريت پيدا ڪئي وئي آھي، ھاڻي تہ معصوم ٻار ۽ عورتون بہ محفوظ ناھن. ھنن چيو تہ معصوم پريا ڪماري گذريل 2 سالن کان ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھي ۽ ان سميت 25 کان مٿي ماڻھو ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل آھن، جن ۾ عورتون بہ شامل آھن پر پوليس انھن جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪرڻ بدران مغوين جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي، مظاھرين تي سخت تشدد ڪيو ويو جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن مطالبو ڪيو تہ معصوم پريا ڪماري سميت سمورا مغوي بازياب ڪرايا وڃن ۽ ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي حملو ڪندڙ پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروايون ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Thatto
QAT
qoumi awami tahreek
0 تبصرے