ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڏهرڪي ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ۽ احتجاج

وڪيل ڄام عبدالفتاح سميجو، وڪيل غلام رسول مهر،وڪيل مهتاب چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڏهرڪي ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ۽ احتجاج

ڏهرڪي (نويد چغتائي ) ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڏهرڪي ۾ وڪيلن جو عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج وفاقي حڪومت کان نوٽس وٺي عوام کي ريلف فراهم ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڏهرڪي جي وڪيلن پاران عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرايوان موقعي تي وڪيلن ڄام عبدالفتاح سميجو، وڪيل غلام رسول مهر،وڪيل مهتاب چاچڙ، وڪيل نظام دين سومرو، وڪيل مڪيش ڪمار وڪيل منير شاهه، وڪيل فرمان علي شر ، ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ هر روز پيٽرول بجلي، گيس،ڀاڻ ۽ کنڊ سميت ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي جنهن سبب غريب طبقو فاقاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور آهي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي نگران حڪومت ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي هنن چيو ته بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب ملڪ سميت ڏهرڪي ۾ پڻ يوريا ڀاڻ ۽ کنڊ مافيا جي بليڪ مارڪيٽنگ سبب ڀاڻ ۽ کنڊ جا ريٽ روز جي بنياد تي وڌي رهيا پر هتان جي انتظاميه بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هنن وفاقي حڪومت سميت ڏهرڪي جي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي سميت ڏهرڪي ۾ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن خلاف ڪاروائي فوري طور عوام کي ريلف فراهم ڪيو وڃي