English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ 19 گريڊ جو رٽائرڊ سنڌي آفيسر به قبضا گيرن کان بچي نه سگھيو
16 views
|
27th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
سي ايس آءِ ار ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ سرڪار پلاٽ ڏنو هو: خادم حسين تنيو
گڏاپ (رپورٽر)ڪراچي ۾ رٽائر 19 گريڊ جو سنڌي آفيسر به قبضا گيرن کان بچي نه سگھيو. ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ 19 گريڊ جو رٽائرڊ آفيسر خادم حسين تنيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آء، P.C.S.I.R ليبارٽري ۾ 19 گريڊ جو رٽائر آفيسر آھيان. منھنجو پي سي ايس آء آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ سرڪار پاران مليل پلاٽ نمبر A 20 آھي جنھن تي پي سي ايس آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو سوسائيٽي جو انچارج ،ايڊمنسٽيٽر الطاف سولنگي ٻہ نمبر فائيل ھڪ مشھور لينڊ گريبر وحيد علي کي ٺاھي ڏني آهي جيڪو منھنجي پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. جنھن جا اطلاع مون 15 سميت سچل ٿاڻي تي ايس ايچ او کي درخواست پڻ ڏني آھي ۽ ملير ڪورٽ ۾ به جنھن جو مون ڪيس داخل ڪيو آهي. ڪورٽ پاران جنھن جي نوٽيس باوجود قبضا مافيا وحيد علي منھنجي پلاٽ تي زبردستي ڪم ھلائي رھيو آھي .جيڪو توھين عدالت ۾ اچي ٿوآھي. ھن الزام مڙهيو ته قبضا مافيا وحيد علي مونکي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي. مونکي ھنن مان جان جو بہ خطرو آهي. ھن سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاء ڪورٽ. نگران وزير اعلي سنڌ. آء جي سنڌ. ڊي جي رينجرز. چيئرمين ھائوسنگ سوسائٽيءَ سميت اعلي اختيارين کي عرض آهي ته پي سي ايس آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي انچارج الطاف سولنگي ۽ قبضا مافيا وحيد علي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مونکي انصاف فراهم ڪيو وڃي. منهنجي پوري زندگيءَ جي ڪمائي صرف ھي پلاٽ آھي جيڪو ٻچن جو مستقبل آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Dec 2025
•
تازہ ترین
مفتی منیب الرحمٰن ڈینگی میں مبتلا، اسپتال میں زیرِ علاج
02nd Dec 2025
•
پاکستان
کراچی میں مین ہول میں گرنے والے بچے کی لاش نکالنے والے لڑکے کو پولیس کی جانب سے اعزاز پیش
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لڪي مروت آپگهاتي حملو دهشتگردي جي اندھيري موج ۽ عوامي تحفظ..؟؟
01st Dec 2025
•
سندھ
نوشہرو فیروز کی ہندو برادری نے بھارتی وزیر راج ناتھ کے بیان کو رد کردیا شاہی بازار سے پریس کلب تک ریلی
02nd Dec 2025
•
تازہ ترین
مفتی منیب الرحمٰن ڈینگی میں مبتلا، اسپتال میں زیرِ علاج
02nd Dec 2025
•
پاکستان
کراچی میں مین ہول میں گرنے والے بچے کی لاش نکالنے والے لڑکے کو پولیس کی جانب سے اعزاز پیش
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لڪي مروت آپگهاتي حملو دهشتگردي جي اندھيري موج ۽ عوامي تحفظ..؟؟
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز جي هندو برادري جو ڀارتي وزير راج ناٿ جي بيان خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
gadap
karachi
police
officer
0 تبصرے