English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ سنڌ نيشنل پارٽي پاران بدامنيءَ خلاف ۽ نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي
25 views
|
27th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾,اغوا , ڦرن ۽ ڌاڙن جون وارداتون عام ٿينديون پيون وڃن. سنڌ ۾ جديد هٿيار ڪٿان پيا اچن: رمضان بليدي
گڏاپ(رپورٽر)ڪراچي سنڌ نيشنل پارٽي پاران سنڌ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف ۽ نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سھراب ڳوٺ ٽائون ايس اين پي ھائوس مان بسم الله چونڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھري جي اڳواڻي سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي. نياز بليدي. ڊي ايم خاصخيلي. سردار لغاري ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي رمضان بليدي چيو ته سنڌ ۾,اغوا , ڦرن ۽ ڌاڙن جون وارداتون عام ٿينديون پيون وڃن. سنڌ ۾ جديد هٿيار ڪٿان پيا اچن , سنڌ کي وانا ۽ وزيرستان ٺاهيو پيو وڃي, سنڌ ۾ نه عزتون محفوظ آھن نه ئي ملڪيتون ۽ جانيون محفوظ آھن. اھڙي صورتحال ۾ سنڌ جو عوام ڪنھن مان اميد رکي. گذريل 2 سالن کان اغوا ٿيل 7 ورهين جي ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ قانوني ادارن طرفان ڪا به ڪوشش ناھي ڪئي وئي. جنھن ڪري معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سندس جا والدين سخت پريشان آهن، ھن وڌيڪ چيو ته والدين جيڪي پنهنجي اولاد کي هڪ پل لاءِ اکين کان پري ٿيندي ناھن ڏسي سگهندا، اھي پنھنجي ورهين کان پنهنجي ٻچڙن کان پري آهن، انهن جي دل تي ڇا ڇا گذرندي هوندي اهو ته اولاد وارو ئي بهتر سمجهي سگهي ٿو، جيڪڏهن حڪمرانن جا پنهنجا ٻار اغوا ٿيل هجن ها ته انهن کي والدين جي ڏک جي خبر پئي ها. اڳواڻن هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت سمورن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ جيان ملير به ثقافتي رنگ سان رڱجي ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ گوٺ ۾ مائي نياڻي درگاهه ڀرسان ندي مان اڻڄاتل شخص جي لاش هٿ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
gadap
karachi
SNP
Sindh national
0 تبصرے