نوشهروفيروز ۾ بيواهه عورت جو ٻن پٽن کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

بااثر تشدد بعد ٻن پٽن کي کنڀي کڻي ويا، جن مان هڪ پپري پوليس حوالي ڪيو، ٻيو گم آهي

نوشهروفيروز ۾ بيواهه عورت جو ٻن پٽن کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز ( ڊ ر) ڳوٺ جواڻ سولنگي جي رھواسي بيوھ عورت بااثر ماڻھن پاران ٻن پٽن کي کنڀي غائب ڪرڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي بيوھ عورت مسمات عنايت خاتون سولنگي چيو ته 27 آگسٽ تي ڏينھن ڏٺي علائقي جا بااثر ماڻھو محمد حسين بڙدي، مشتاق، منير چنڙ ۽ ٻيا گھر ۾ گھڙي آيا ۽ مون تي سخت تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙي تذليل جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ منھنجي ٻن پٽن دلشير عمر 15 سال ۽ امير علي عمر 17 سال کي کنڀيو ۽ مٿن لٺين سان سخت تشدد ڪندا کڻي ويا. ھن ٻڌايو ته بعد ۾ بااثر ماڻھن منھنجي ھڪ پٽ دلشير کي پپري پوليس جي حوالي ڪيو آھي جڏھن ته باقي ھڪ پٽ امير علي کي غائب ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري مون کي خطرو آھي ته جوابدار منھنجي پٽ کي ماري ڇڏيندا، ڇاڪاڻ ته پپري پوليس به جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ ٿاڻي تي جوابدار منھنجي پٽ مٿان کي سرعام ڪٽيندا رھن ٿا پر پوليس ٻڙڪ ڪڇڻ لاءِ تيار ناھي. ھن چيو ته ايس ايڇ او پپري پٽ کي ڇڏڻ لاءِ 50 ھزار روپيا به ورتا آھن پر پوليس پٽ کي آزاد نه ٿي ڪري نه ئي وري غائب ڪيل پٽ کي بازياب ڪرائي ٿي. ھن چيو ته پٽن کي آزاد ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي